From Wikipedia, the free encyclopedia
موهنداس ڪرم چند گانڌي(انگريزي: Mohandas Karamchand Gandhi) جنھن کي رابندر ناٿ ٽئگور مھاتما گانڌي سڏيو ۽ ان نالي سان مشھور ٿيو.1915ع ڌاري ڏکڻ آفريڪا کان موٽڻ بعد گانڌي ڀارت جي سياست ۾ شامل ٿيو. ان وقت سڄي هندستان تي انگريزن جي حڪومت هئي. گانڌي هڪ خلوص دل انسان، قابل سياستدان ۽ اهنسا جو پرچارڪ هو. سندس جنم 2 آڪٽوبر 1869ع ۾ ٿيو. ڪاٺياواڙي راجڪوٽ رياست جو شهر پوربندر سندس جنم ڀومي آهي. موهن داس يعني غلام ڪرشن جي باري ۾ اهو به چيو وڃي ٿو ته سندس وڏا اصل ۾ ننگر پارڪر کان 12 ميل پري پاري نگر جا رهواسي هئا. هن انگلينڊ مان 1891ع ۾ بيريسٽري پاس ڪئي ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. هن اُتي مئي 1894ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي شاخ قائم ڪئي.
موهنداس ڪرمچند گانڌي | |
---|---|
(گجراتي ۾: મોહનદાસ ગાંધી) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم جو نالو | (گجراتي ۾: મોહનદાસ ગાંધી) |
ڄم | 2 آڪٽوبر 1869 [1][2][3][4][5][6][7][8][9][10][11][12][13][14][15][16][17][18] پور بندر [19][20] |
موت | 30 جنوري 1948 (79 سال)[1][2][3][4][5][6][7][8][9][10][11][12][14][15][16][17][21][18] |
رهائش | لنڊن (1888–1 جُونِ 1891)[22]ڀارت (1 جُونِ 1891–1893)[22]ڏکڻ آفريڪا (1893–1915)[22] |
شھريت | برطانوي راڄ (1869–1947)[6] ڀارت (1947–) |
قد | |
ڌرم | هندومت [6] |
جماعت | انڊين نيشنل ڪانگريس [22] |
عملي زندگي | |
پيشو | سياستدان [23][24][25][16]،صحافي [22]،فلسفي [26][22]،ليکڪ [27] |
مادري ٻولي | گجراتي ٻولي [6] |
ڪم جي ٻولي | هندي [6]،انگريزي ٻولي [6]،گجراتي ٻولي [28][6]،اڙيا ٻولي [29] |
دلچسپي | فلسفو |
مؤثر | ٿوريو ،ٽالسٽاءِ ،گوتم ٻڌ ،جان رسڪن |
عسڪري خدمتون | |
دستخط | |
ويب سائٽ | |
IMDB تي صفحو | |
ترميم |
جليانوالا باغ ۾ انگريزن طرفان ڪيل خون ريزي کان پوءِ ھن هندن ۽ مسلمانن کي گڏجي آزاديءَ جي جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار ڪيو. جڏهن سڀني جماعتن جا اجلاس گڏ ٿيڻ لڳا ته گانڌي جي حيثيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو ۽ اهڙي طرح هو مسلمانن توڙي هندن جو محبوب رهنما بڻجي اڀريو. 1922ع ڌاري کيس ڇهن سالن لاءِ جيل موڪليو ويو پر سندس طبيعت خراب ٿيڻ ڪري ٻن سالن اندر آزاد ڪيو ويو. 1930ع ۾ هن جڳ مشهور لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ جي هلچل هلائي. ان دوران ٻه ڀيرا کيس گرفتار پڻ ڪيو ويو. اهڙي طرح سياست ۾ سرگرمي سان بهرو وٺندو رهيو.
آخر 8 آگسٽ 1940ع تي ڪانگريس کان ”هندستان خالي ڪريو“ جو ٺهراءَ پاس ڪرائي شھري نافرمانيءَ جي تحريڪ شروع ڪرايائين. انگريز سرڪار ڪانگريس کي غيرقانوني جماعت قرار ڏيئي، لکين ماڻهن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيو. ان وقت مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ وڇوٽين جي ڪري ٻن الڳ ملڪن جي ورهاست لاءِ ماحول سازگار هو. جڏهن ته گانڌي اهڙي ورهاڱي جي سخت خلاف هو. نيٺ لارڊ مائونٽ بيٽن وائسراءِ ٿي آيو جنهن هندستان کي ورهائي پاڪستان ۽ هندستان طور ٻن الڳ ملڪن جو بنياد وڌو. ان ئي عرصي ۾ مسلمانن ۽ هندن وچ ۾ سخت خون ريزي ٿيندي رهي، گانڌي سمجهوتي لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي ايتري قدر جو هندن جي ڪٽر فرقي پرست جماعت جي هڪ فرد گاڊسي جنوري 30، 1948ع تي صبح جي وقت پستول مان فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. اڄ به ڪروڙين ماڻهو سندس مداح آهن. تاريخ جو هي يگانو فرد آهي، جنهن اهنسا جي پرچار ۾ حياتي گذاري پر نيٺ سندس موت هڪ هنساواديءَ هٿان ٿيو.
جيڪڏهن منهنجو آواز مهاتما جيءَ (Gandhi Jee) تائين پهچي ٿو ته مان کيس درخواست ڪندس ته هو ڪنهن به سنڌيءَ کي لڏپلاڻ جي صلاح نه ڏي. مان هجرت جو تجربو پنهنجو پاڻ تي ڪري چڪو آهيان. مان هندستاني مهاجرن کي ڪابل ۾ ۽ بلگيريا (بلغاريه) ۽ سربيا جي ترڪ مهاجرن جي استنبول ۾ پريشاني ڏسي چڪو آهيان. مهاتما جي منهنجي خيال ۾ ان لفظ لڏپلاڻ (هجرت) جو پسمنظر خواب ۾ به ڪونه ڏٺو هوندو. مان سنڌي آهيان ۽ سنڌين کي سڃاڻان ٿو. هو جيڪڏهن غلطي ڪن ته هڪ سنڌي کين سنئين واٽ تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ سولائيءَ سان ڪامياب ٿي سگهي ٿو. مهاتما عام طور نيڪ طبع انسان آهن. منجهن هندو ۽ مسلمان جو ڪو به فرق ڪونهي. منهنجو پروگرام ڏاڍو چٽو آهي. مان ڪوشش ڪندس ته جيڪڏهن ڪنهن مسلمان، ڪنهن هندوءَ جو مال ڦريو آهي ته ان کي واپس ڪرايو وڃي. جيڪڏهن مسلمان ڪنهن هندؤ کي قتل ڪيو آهي ته عدالت ۾ وڃي پنهنجو ڏوهه باسي. هيءُ ياد رهي ته هن وقت مان شهري فسادن جي ذميواري نه ٿو کڻي سگهان، ان لاءِ گورنمينٽ جي ذميدار آفيسرن کي ڪم ڪرڻ گهرجي، ٻهراڙيءَ جي سڌارن ۾ مان گورنمينٽ جو هڪ مددگار بڻجي ڪم ڪندس. [30][31]
مائونٽ بيٽن (Mountbatten)، گانڌي لاءِ ڪا سٺي راءِ نه رکندو هو. پنهنجي ذاتي رپورٽ ۾ L/PO/6.123:ff155-62 هن (مائونٽ بيٽن )لنڊن ۾ موجود اعلئ اختيارين کي لکيو ته: ".....مون کيس (گانڌي کي ) چئي ڏنو هو ته هو هڪ مدي خارج پوڙهو ۽ خطرناڪ ٽراٽسڪائسٽ آهي" [32][33] ۽ ائين هن گانڌي کي سڄي ان منظرنامي يعني اختيارين جي منتقلي مان مکڻ مان وار وانگر ڪڍي ڇڏيو. گانڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد برطانوي راڄ لاءِ ڄڻ ته اک جو ڪنڊو بڻجي چڪا هئا. تنهنڪري انهن ٻنهي مان جند ڇڏائڻ لاءِ هر قسم جا حربا استعمال ڪيا ويا. جن ۾ مکيه قومي رهنمائن سان ڌڪار وارو ورتاءُ شامل هو.ايتريقدر جو ٻيو ته ٺهيو پر ونسٽن چرچل (Winston Churchill) جهڙو ماڻهو به انهي مرضي کان نيارو نه هو. چرچل کي ته گانڌي جي لباس تي به اعتراض هو. هڪ ڀيري چئي ڏنائين : " هي وڪيل جيڪو ڪنهن وقت ڪنهن مندر جو ٻائو هو. هاڻي ڦري هڪ فتني باز ساڌو بڻجي ويو آهي...۽ هليو آهي شهنشاهه سلامت جي نمائندي سان برابري جي بنياد تي صلح سانت جون ڳالهيون ڪرڻ. [34]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.