![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/a/a9/Mahavidyas.jpg/640px-Mahavidyas.jpg&w=640&q=50)
مهاوديا
هندواِزم ۾ آدي پراشڪتي جي ڏهن رُوپَ جو گروپ / From Wikipedia, the free encyclopedia
مهاوديا (انگريزي ٻولي: Mahavidya) (سنسڪرت: महाविद्या,ساهتڪ: مَهان ڏاهپَ) هندوازم ۾ مهاوديا (مَهان سياڻپ، يا ڏاهپ) آدي پراشڪتي جا ڏهه رُوپ آهن. اهي سڀئي ديوي پاروتي جا رُوپَ (قِسمَ) آهن. هندستان ۾ ٻڌمت جي گهٽجڻ کانپوءِ، ديوي ديوتا جي انهن رُوپن کي ڪائولا تنتريڪا ساهتيا (ادب) ۾ تصديقي جانچا ڪرڻ شروع ڪيو ويو.[1] 10 مهاودياس ۾ ڪالي، تارا، تريپورا سُندري (شادوشي)، ڀوانويشوري، تريپورا ڀيراوي، ڇناماستا، ڌوماوتي، باگالموکي، ماتانگي ۽ ڪملا شامل آهن.
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/a/a9/Mahavidyas.jpg/640px-Mahavidyas.jpg)
ڇنامستا, ڌوماوتي, بگالامکي, متانگي ۽ ڪامالا .
شڪتي ازم جي اتهاس ۾ مهاوديا جي ترقي هڪ اهم موڙَ جي نمائندگي ڪري ٿي، جيئن تہ اها شڪتي مت (شڪتي اِزم) ۾ ڀڪتي ڏيک جي اوجَ ڏانهن اِشارو ڪري ٿي، جيڪو 1700 عام زمانو ۾ پنهنجي ڪاپار (اوجَ) تائين پهتي. پهرئين بهار مُند پوئين-دور کانپوءِ، ڇهين صدي عام زمانو (ڪامن اِرا) جي لڳ ڀڳ شروع ٿي، اها هڪ نئين ايشور واد نظرياتي تحريڪ هئي جنهن ۾ ناري (زائفان) کي برتر بالادست حيثيت سان تصور ڪيو ويو هيو.[2] ديوي ڀاگواتا پوراڻا وانگر لکتن ۾، خاص طور تي سَتون اسڪاڌا جي پڇاڙي وران نَو چيپٽر (31-کان40) اها حقيقت ظاهر ٿيل آهي، جيڪي دييي گيتا جي نالي سان مشهور آهن، ۽ جلدي شڪتي ازم جا مرڪزي لکت بڻجي وئي.[3] شاڪتا مها-ڀاگواتا پوراڻا منجهان هڪ ڪهاڻي ۾، جيڪا سمورين مهاودياس جي رچنا کي بيان ڪري ٿي، جِن ۾ ستي، دڪشا جي ڌيءُ ۽ ديوتا شيوا جي پهرئين زال، پنهنجي بي عزتي محسوس ڪئي ته کيس ۽ شيوا کي دڪشا جي يگنا ("باهہ ٻليدانُ" ) ۾ ڪانڍَ (سَڏ) نہ ڏنو ويو ۽ شيوا جي اعتراض جي باوجود، اتي وڃڻ تي زور ڀري ٿي. شيوا کي راضي ڪرڻ جي بيڪار ڪوششن کانپوءِ، ڪاوڙيل (ڏمرئِيل) ستي مهاوديائن ۾ روپُ مٽائي ٿي، جِن شيوا کي ڏهه مُکيا پاسن کان گهيري ۾ آڻي ورتو.
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/8/89/Kali_by_Raja_Ravi_Varma.jpg/640px-Kali_by_Raja_Ravi_Varma.jpg)