![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/d/df/Aerial_View_of_Koohsangi_street%252C_Mashhad%252C_Iran.png/640px-Aerial_View_of_Koohsangi_street%252C_Mashhad%252C_Iran.png&w=640&q=50)
مشھد
From Wikipedia, the free encyclopedia
مشھد (انگريزي: Mashhad) ايران جو آباديءَ جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو شھر ۽ رضوي خراسان صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھي شھر ايران جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ آباد آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 3,001,184 آھي[1]. ھن شھر ۾ ھر سال لکين زائرين حضرت امام رضا رضيہ تعاليٰ عنہ جي مزار تي حاظري ڀرڻ ايندا آھن. امام رضا شيعا مسلمانن جو اٺون امام آھي. مشھور عباسي خليفو ھارون الرشيد بہ ھتي دفن ٿيل آھي. جنھن زماني ۾ امام علي رضا شھادت جو رتبو ماڻيو ان وقت مشھد ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھو جيڪو اڳتي ھلي ايران جو ھڪ وڏو شھر بنجي ويو. لفظ مشھد جي معنيٰ آھي ”شھادت واري جاءِ“[2].
Mashhad مشهد سناباد، اسڪندريہ | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
شھر | ||||||||
مٿان کان: مشھد شھر جو نظارو، نادر شاھ جو مقبرو، مشھد جي رات، ھدايت بازار، فردوسيءَ جو مقبرو، امام رضا جو روضو | ||||||||
نعرو: سمارٽ سٽي، اميد ۽ زندگيءَ جو شھر، ايران جي روحاني گادي | ||||||||
ايران ۾ بيھڪ | ||||||||
جاگرافي بيهڪ: 36°18′N 59°36′E | ||||||||
ملڪ | ![]() | |||||||
صوبو | رضوي خراسان | |||||||
ڪائونٽي (شھرستان) | مشھد | |||||||
مشھد - سناباد - طوس | 818ع | |||||||
حڪومت | ||||||||
• ميئر | عبداللّٰہ ارجائي شيرازي | |||||||
• سٽي ڪائونسل جو چيئرمين | حسن مواحدين | |||||||
پکيڙ | ||||||||
• ڪل | 351 ڪ.م2 (136 ميل2) | |||||||
بلندي | 995 ميل (3,264 ft) |
ھن شھر کي فردوسيءَ جو شھر پڻ سڏيو وڃي ٿو جيڪو ايران جو ھڪ وڏو عالم، مفڪر ءِ شاعر ھو. سندس ڪتاب شاھنامہ سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. فردوسيءَ جو نالو فارسي ادبي حلقن ۾ نھايت ادب ۽ آحترام سان ورتو وڃي ٿو. ھي شھر مشھور فارسي شاعر مھدي اخوان ثالث ۽ مشھور موسيقار ۽ ڪلاڪار محمد رضا شجريان جي جنم جو ھنڌ پڻ آھي. 30 آڪٽوبر 2009ع تي ايراني صدر محمود احمدي نزاد ھن شھر کي ”ايران جي روحاني گادي“ (Iran's Spiritual Capital) قرار ڏنو[3].
ھن شھر کان 6 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڪوھ خضر آھي. روايتون آھن تہ ھن جبل جي چوٽيءَ تي 3000 سال اڳ ھڪ غار ھئي جتي حضرت خضر عليہ السلام پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪندو ھو. اڄڪلھ انھيءَ غار جي جاءِ تي ھڪ ننڍي مسجد موجود آھي جنھن کي خضر جي مسجد سڏيو وڃي ٿو[4].