مخدوم امين فھيم
سنڌي سياستدان ۽ سروري جماعت جو روحاني پيشوا / From Wikipedia, the free encyclopedia
زمرو:dmy تاريخون استعمال Dmy تاريخون استعمال
ترت ڄاڻ امين فهيم, تجارتي وزيرِ پاڪستان ...
امين فهيم | |
---|---|
امين فهيم گلوبل عرب بزنس گڏجاڻِيءَ ۾ 2012 ۾ | |
تجارتي وزيرِ پاڪستان | |
عهدو سنڀاليو 3 November 2008 – 16 March 2013 | |
جانشين | Incumbent |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | مخدوم محمدامين فهيم 04 آگسٽ 1939(1939-08-04) هالا |
وفات | 21 نومبر 2015 (عمر 76 سال) ڪراچي, پاڪستان |
آخري آرامگاهه | هالا,سنڌ, پاڪستان |
قوميت | انڊين (1939-1947), پاڪستاني (1947-2015) |
سياسي جماعت | پاڪستان پيپلز پارٽي |
ٻار ٻچا | 7 پُٽ، 1 نياڻِي |
مادر علمي | سنڌ يونيورسٽي |
بند ڪريو
مخدوم امين فهيم (انگريزي ٻولي: Makhdoom Ameen Faheem, اردو: مخدوم محمد امین فہیم) سنڌي ٻوليءَ جي قادرالڪلام شاعر، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو وڏو فرزند ۽ مخدوم نوح سرور جي درگاهه جو پندرهون نمبر سجاده نشين ۽ ناميارو شاعر، مخدوم محمد امين ”فهيم“، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ 4 آگسٽ 1939ع تي ڄائو. سندس نالو ”محمد امين“ رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين ثالث ”پکن ڌڻيءَ“ جي نسبت سان کيس ”ڏاڏا سائين“ به چوندا هُئا. خدوم امين فهيم 1977ع کان 2015ع تائين پارليامينٽ جو حصو رهيو. 7 ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ هڪ ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو، ٻه ڀيرا وفاقي وزير به رهيو.