From Wikipedia, the free encyclopedia
محمد ضياء الحق: Muhammad Zia-ul-Haq پاڪستان جو چئن ستارن وارو جنرل جيڪو 12 آگسٽ 1924 ۾ برٽش انديا جي پنجاب صوبي جي شھر جالنڌر، ۾ ڄائو ۽ 17 آگسٽ 1988 ۾ سي 130 جھاز واري حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
Muhammad Zia-ul-Haq | |
---|---|
محمد ضیاء الحق | |
محمد ضياء الحق | |
پاڪستان جو صدر | |
عهدو سنڀاليو 16 سيپٽمبر 1978 – 17 آگسٽ 1988 | |
پيشرو | فضل الاهي چوڌري |
جانشين | غلام اسحاق خان |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | 12 آگسٽ 1924 جالنڌر، پنجاب، برٽش انڊيا |
وفات | 17 آگسٽ 1988 (عمر 64 سال) بھاولپور |
آخري آرامگاهه | فيصل مسجد، اسلام آباد |
قوميت | برٽش انڊين (1924–1947)__پاڪستاني (1947–1988) |
جيون ساٿي | بيگم شفيق ضياء (1950 کان 1988 تائین[1] |
ٻار ٻچا | 5 (محمد اعجاز الحق سميت) |
مادر علمي | سينٽ اسٽيفنس ڪاليج، دھلي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آرمي ڪمانڊ اينڊ جنرل اسٽاف ڪاليج |
فوجي خدمتون | |
عرفيت | مرد مؤمن |
فرمانبرداري | برطانوي راڄ
پاڪستان |
سروس/شاخ | برطانوي هندوستاني فوج پاڪ فوج |
سال خدمتون | 1943–1988 |
عهدو | جنرل |
ڪمانڊر | ٻين انڊپينڊنٽ آرمرڊ برگيڊ
فرسٽ آرمرڊ ڊويژن سيڪنڊ اسٽرائيڪ ڪور پاڪ فوج جو سربراھ |
لڙائيون/جنگيون | ٻين مھاڀاري جنگ پاڪ ڀارت جنگ 1965 بليڪ سيپٽمبر اردن سويت افغان جنگ |
دھلي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ھن شخصيت برٽش آرمي ۾ داخل ٿي ٻي جنگ عظيم جي برما ۽ برٽش ملايا وارن محاذن ۾ حصو ورتو. 1965 ۾ پاڪ ڀارت جنگ ۾ ٽينڪ ڪمانڊر ھيو.1970 ۾ ملٽري ٽريننگ مشن جي قيادت ۾ اردن روانو ٿيو جتي شاھ حسين جي خلاف بليڪ سيپٽمبر واري بغاوت کي ڪچلڻ ۾ مددگار ٿيو.1976 ۾ کيس ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو. ملڪ ۾ پاڪستان نيشنل الائنس جي سياسي تحريڪ شروع ٿيڻ کان پوءِ 5 جولاءِ 1977 تي ڀٽو حڪومت جي خلاف ڪوديتا يا فوجي بغاوت ڪري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. ان فوجي آپريشن کي آپريشن فيئر پلي جو نالو ڏنائين.ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪري ملڪ جو آئين معطل ڪري مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيائين [2] ذوالفقار علي ڀٽو تي سياستدان احمد رضا قصوري جي قتل جي ڪيس جي جاچ ايف آء اي کان ڪرائي چالان ماجسٽريٽ جي بدران سڌو سنئون لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي مقدمو سيشن ڪورٽ جي بجاءِ سڌو سنئون لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ ھلرائي موت جي سزا ڏني وئي جنھن جي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ھلي جتي سزا بحال رکي ذوالفقار علي ڀٽو کي ٻن سالن جي اندر موت جي سزا ڏئي کيس اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ ڦاھي ڏني وئي ۽ لاش فوج جي سرپرستي ۾ ڳڙھي خدابخش ۾ عزيزن جي شرڪت کان سواءِ لاوارثن وانگر دفنايو ويو .ھن جي اقتدار ۾ اچڻ سان ملڪ آمريڪا ۽ سعودي عرب جي تعاون سان افغان ۽ سويت يونين واري جنگ ۾ افغان مجاھدن جي مدد ذريعي اڻ سڌي طرح شامل ٿي ويو ھن ملڪ کي مذھبي انتھا پسندي ڏي ڌڪيو ۽ جھادي نظريي کي فروغ ڏياريو [3][4] ھن جي حڪومتي پاليسين تحت لکن جي تعداد ۾ افغان جھادي پاڪستان ۾ آيا جن ذريعي پاڪستان اندر ھيروئن ۽ موتمار ھٿيارن جي پاڪستاني معاشري ۾ داخلا شروع ٿي وئي جيڪو سلسلو افغان جھاد سان گڏوگڏ 1989 تائين وڌندو رھيو . ھي يارھن سالن تائين پاڪستان جي اقتدار تي قابض رھيو ۽ ھن جي دور ۾ پريس تي شديد پابنديون رھيون[5] ھن جي دؤر ۾ پاڪستان جو ايٽمي پروگرام جاري رھيو ۽ ملڪ ۾ صنعتڪاري ۾ اضافو ٿيو . ھن جي دؤر ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي جو تيزي سان اضافو ٿيو.1985 ۾ ھن مارشلا ختم ڪري ملڪ ۾ غير جماعتي چونڊون ڪرائي نالي ماتر اقتدار نئين وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ ملڪ جو ڊي فيڪٽو چيف ايگزيڪيوٽو رھيو ان لاءِ ھن آئين ۾ اٺين ترميم آڻي اھم اختيار پنھنجي قبضي ۾ ورتا [6] 1988 ۾ اوجڙي ڪيمپ جو واقعو ٿيو جنھن بعد وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ھن جي مرضيءَ خلاف جنيوا معاھدي تي صحيح ڪئي ۽ اوجڙي ڪيمپ واري واقعي جي جاچ جو اعلان ڪيو جنھن تي ھن محمد خان جوڻيجو جي حڪومت ڊسمس ڪري اسيمبليون ٽوڙي نومبر 1988 ۾ نئين اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو پر 17آگسٽ 1988 تي پنھنجي فوج جي اعلي قيادت ۽ سفارتڪارن سميت جھاز جي حادثي ۾ پراسرار طور تي مارجي ويو.
فوجي عهدا | ||
---|---|---|
پيشرو ذوالفقار علي ڀٽو |
ڪمانڊنٽ ڪرنل آرمي آرمڊ ڪور 1974–1978 |
جانشين علي جان معسود |
پيشرو ٽڪا خان |
پاڪستان فوج جو سربراهه 1976–1988 |
جانشين مرزا اسلم بيگ |
سرڪاري عهدا | ||
پيشرو ذوالفقار علي ڀٽو |
وزير دفاع پاڪستان 1978 |
جانشين علي احمد خان ٽالپر |
پيشرو علي احمد خان ٽالپر |
وزير دفاع پاڪستان 1985 |
جانشين محمد خان جوڻيجو |
پيشرو فضل الاهي چوڌري |
پاڪستان جو صدر 1978–1988 |
جانشين غلام اسحاق خان |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.