![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/e4/Dark_vignette_Al-Masjid_AL-Nabawi_Door800x600x300.jpg/640px-Dark_vignette_Al-Masjid_AL-Nabawi_Door800x600x300.jpg&w=640&q=50)
محمد
عرب سياسي اڳواڻ ۽ اسلام جو باني / From Wikipedia, the free encyclopedia
مُحَمَّد (انگريزي: Hazrat Muhammad pbuh)(اپریل570ع - جون 632ع) مسلمانن جي عقيدي مطابق الله جو آخري نبي ۽ رسول ھيو جنھن تي آسماني ڪتاب قرآن مجيد نازل ٿيو. 40 سالن جي عمر ۾ عربستان جي شھر مڪي ۾ نبوت جو اظھار ڪندي اسلام جي توحيد واري عقيدي جي تبليغ جو آغاز ڪيو. سندس ڏنل تعليم عربن جي ان خطي ۾ ھڪ زبردست انقلاب برپا ڪيو. قرآن مجيد ۾ سندس زندگي کي اسوه سڏيو ويو آهي[1]. سورة الاحزاب جي آيت 21 ۾ فرمان آھي ته:لقد کان لکم فی رسول اللہ اسوۃ حسنہ: ترجمو: "بيشڪ اوھان جي لاء خدا جي رسول جي ذات ۾ ھڪ بھترين نمونو آھي." لفظ اسوة جي عام معنیٰ طريقو يا نمونو آھي[1]. اسوہ انسان جي ان حالت کي چيو ويندو آهي جيڪا ھو ڪنھن ٻئي انسان جي پيروي ڪندي اختيار ڪري[2]. اسلامي عقيدي مطابق محمد رسول الله جن جي اطاعت مسلمانن جي ايمان جو لازمي جز ۽ فرض آهي ۽ ان جي اطاعت کي قرآن مجيد ۾ الله جي اطاعت جي مثل سڏيو ويو آهي. سورة النساء جي آيت 64 ۾ قرآن فرمائي ٿو ته: وما ارسلنا من رسول الا لیطاع باذن اللّٰہ: ترجمو: "۽ اسان موڪليا جيڪي رسول تہ انھن جي پيروي ڪئي وڃي، الله جي حڪم سان". دين جي عالمن ۽ قرآن جي شارحن جو اھو عقيدو آهي ته قرآن ھڪ تحريري دستور آھي جنھن جي عملي صورت سرور ڪونين جي ذات آھي، جن جو ڪوبه قول ۽ فعل حڪم خداوندئ کان وار برابر بہ ھيڏي ھوڏي ھٽيل نه آهي[1]. ايليا (بيت المقدس) ۾ ھجرت جي پنجين سال ھرقل اعظم (Hercules) جي درٻار ۾ سندس بدترين دشمن ابوسفيان پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ھو تہ "نبوت کان اڳ بہ اوھان ڪڏهن ڪوڙ نہ ڳالھايو آھي"[1]. پاڻ ڪريمن پنھنجي بيمثال ڪردار وسيلي ڪٺور قلبن کي نرم ڪري انھن جو تزڪيو ڪيو[1]. سندن ھر عمل جي تقليد کي اسلامي دين ۾ سنت جو مقام حاصل آهي[1]. مولانا ابوالڪلام آزاد مطابق:"قرآن ۽ نبي جي زندگي ساڳي شئي آھي، قرآن متن آھي تہ سيرة ان جي تشريح ۽ قرآن علم آھي تہ سيرة ان جو عمل. ان ڪري انسانيت جي سمورن اھنجن ۽ آزارن جو علاج ان سيرت جي مطالعي ۾ ئي ملي سگھندو"[3].
![]() | ممڪن آهي هن مضمون جي مواد کي وڪي (انسائيڪلوپيڊيا) طرز تي آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هيءَ وڪيپيڊيا جي ڪيفيت معيار تي پوري لهي سگهي۔ مهرباني ڪري مضمون ۾ اندروني لاڳاپيل رابطا وجهي ڪري يا مضمون جي خاڪي ۾ بهتري آڻي مدد ڪريو۔ |