From Wikipedia, the free encyclopedia
مائڪرونيشيا جون فيڊريٽيڊ اسٽيٽس(انگريزي: Federated States of Micronesia ) جنھن کي مختصرن مائڪرونيشيا چوندا آهن ھڪ خودمختيار ريپبلڪ آھي جيڪا يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي ساٿي رياست (Associated State) آھي. ان ۾ چار وفاقي رياستون ھرھڪ : ياپ رياست، چوڪ رياست، پونپيئي رياست ۽ ڪوسراء رياست شامل آهن جيڪي پيسفڪ سمنڊ ۾ اولھ کان اوڀر طرف واقع آھن. ھن فيڊريٽيڊ رياستن ۾ 607 ٻيٽ واقع آهن جن جي گڏيل پکيڙ 702 چورس ڪلوميٽر آهي جيڪي ٻيٽ 2700 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڦھليل آھن. ان رياست جو پيسيفڪ سمنڊ ۾ سامونڊي حدن جي پکيڙ 2600000 لک چورس ڪلوميٽر آهي جيڪو دنيا جو چوڏھون وڏو مخصوص سامونڊي معاشي زون آھي[4].ھن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ پالڪير آهي جيڪو پونپيئي ٻيٽ تي واقع آهي. ملڪ جو وڏي ۾ وڏو شهر وينو آهي جيڪو چوڪ ٻيٽ تي واقع آهي.
مائڪرونيشيا جون فيڊريٽيڊ اسٽيٽس | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '" امن ، ٻڌي ، آزادي" | |||||
ترانو: " مائڪرونيشيا جا محب وطن" | |||||
گادي جو هنڌ | پالڪير 6°55′N 158°11′E | ||||
سڀ کان وڏو شھر | وينو [1] | ||||
سرڪاري ٻولي | انگريزي | ||||
تسليم ڪيل مقامي ٻوليون |
| ||||
نسلي گروھ (2000) |
| ||||
مقامي آبادي | مائڪرونيشيائي | ||||
حڪومت | وفاقيپارلياماني ريپبلڪ غيرجمائتي جمھوريت واري | ||||
• صدر |
ڊيوڊ پينئيلو | ||||
• نائب صدر |
Yosiwo George | ||||
مقننه | ڪانگريس | ||||
آزادي آمريڪا کان | |||||
• ڪامپيڪٽ فري ايسوسيئيشن |
3 نومبر 1986 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
702 km2 (271 sq mi) (177th) | ||||
• پاڻي (%) |
negligible | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
104,937[2] (192nd) | ||||
• گھاٽائي |
158.1 /km2 (409.5 /sq mi) (75th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$367 million | ||||
• في سيڪڙو |
$3,584[3] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$383 million |
ھي ملڪ پھرين ٽرسٽ ٽيريٽري آف پيسيفڪ آئلينڊز (TTPI) جو حصو ھئي. اھو ٽرسٽ گڏيل قومن جو ھيو جنھن ۾ انتظاميه آمريڪا جي ھئي. 10 مئي 1979 ۾ ان پنھنجي آئيني حڪومت قائم ڪئي جيڪا 3 نومبر 1986ع ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس سان ڪامپيڪٽ فري ايسوسيئيشن تحت ھڪ خودمختيار رياست ۾ تبديل ٿي وئي. ٽرسٽ مان ڪجهه ٻيا ٻيٽ علحده ٿي الڳ خودمختيار رياستن ۾ تبديل ٿي ويا جن ۾ مارشل ٻيٽ ۽ پائولو شامل آهن.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.