لچيٽينسٽائين
From Wikipedia, the free encyclopedia
لڪٽنسٽائين(انگريزي: Liechtenstein ) جنھن جو سرڪاري نالو پرنسپلٽي آف لڪٽنسٽائين آھي، وچ يورپ جي ڏکڻ اولھ ۾ الپس جبل لڳ جرمن ٻولي ڳالھائيندڙ ماڻھن جي ھڪ ننڍڙي رياست آھي [7] جيڪا ھڪ نيم آئيني بادشاهت واري رياست آھي جنھن جي رياستي سربراھ کي پرنس سڏيندا آھن جيڪو نيم صدارتي نظام جي صدر وانگر بااختيار رياستي سربراھ ھوندو آھي. ھن ملڪ جون سرحدون اولھ ۽ ڏکڻ ۾ سوئيٽزرلينڊ سان، اوڀر ۽ اتر ۾ آسٽريا سان ملن ٿيون. اھو پکيڙ ۾ يورپ جو چوٿون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي جنهن جي پکيڙ 160 چورس ڪلوميٽر آھي ۽ 2019 جي ڪاٿي مطابق ان جي آدمشماري 38,749 آھي[8] ھي ملڪ انتظامي طور تي 11 ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھي. ملڪ جي گادي جو هنڌ فدوتز (Vanduz) شھر آھي. ھي ملڪ في ڪس جي ڊي پي جي لحاظ کان دنيا جي امير ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو [9]. الپائين جبلن ۾ واقع ھجڻ جي ڪري سياري جي راندين جو مرڪز ھوندو آھي. ھي ملڪ گڏيل قومن، ڪائونسل آف يورپ ۽ يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن جو رڪن آهي. لڪٽنسٽائين شينجن ايريا ۽ يورپين ايڪانامڪ ايريا ۾ شرڪت باوجود اڃان تائين يورپين يونين جو ميمبر ناھي ٿيو.
پرنسپلٽي آف لڪٽنسٽائين | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"خدا، شھزادي ۽ وطن لاء" | |||||
ترانو: (سنڌي:"ننڍي رائن جي اوچائيءَ تي ") | |||||
گادي جو هنڌ | فَدُوتز | ||||
سڀ کان وڏو شھر | شان (Schaan) 47°10′00″N 9°30′35″E | ||||
دفتري ٻوليون | جرمن | ||||
مذهب (2015[1]) | 83.2% عيسائيت
—73.4% رومن ڪيٿولڪ مذھب (سرڪاري) —9.8% ٻيا عيسائي مذھب 7.0% لامذھب 5.9% اسلام 3.9% ۽ ٻيا مذھب | ||||
مقامي آبادي | لڪٽنسٽائينر | ||||
حڪومت | وحداني پارلياماني، نيم آئيني بادشاھي | ||||
• شاھي سربراھ |
ھنس آدم ٻيون | ||||
• ريجنٽ |
ايلوئس | ||||
• وزيراعظم |
ايڊريئن ھاسلر | ||||
مقننه | لئنڊٽيگ | ||||
پرنسپلٽي جي حيثيت ۾ خودمختياري | |||||
• فَدُوتز واري ڪائونٽي شيلنبرگ جو الحاق |
23 جنوري 1719 | ||||
• پريسبرگ وارو معاھدو |
12 جولائي 1806 | ||||
• جرمن ڪنفيڊريشن کان علحدگي |
24 آگسٽ 1866 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
160 km2 (62 sq mi) (191st) | ||||
• پاڻي (%) |
2.7[2] | ||||
آبادي | |||||
• 2020 اندازو |
38,749[3] (217th) | ||||
• گھاٽائي |
237 /km2 (613.8 /sq mi) (57th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2013 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$5.3 ارب ڊالر [4] (149th) | ||||
• في سيڪڙو |
$98,432[3][5][6] (3rd) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2010 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$5.155 ارب ڊالر [5][6] (147th) |