لو جهاد
From Wikipedia, the free encyclopedia
لو جهاد محبت جهاد جهاد عشقي ۽ روميو جهاد (انگريزي ٻولي: Love Jihad) مبينا طور مسلم مردن طرفان غيرمسلم برادرين سان تعلق رکندڙ نارين، عورتن ۽ ڇوڪرين کي محبت جي ڄار ۾ ڦاسائي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.[1][2][3][4][5][6][7] هي خيال 2009 ۾ هندستان ۾ قومي توجہ جو مرڪز بڻيو جنهن ۾ پهرئين ڪيرالا ۽ انکانپوءِ ڪرناٽڪ ۾ مبينا مذهب جي تبديلي ٿي هئي. نومبر 2009 ۾، ڊي جي پي جيڪب پنوز چيو تہ اهڙي ڪابہ ناهي جنهن جي ميمبرن ڪيرالا ۾ تبديلي جي ارادي سان چوڪرين کي پنهنجي محبت جي لالچ ڏئي پنهنجي طرف راغب ڪيو. هن ڪيرالا هاءِ ڪورٽ کي ٻُڌايو تہ کيس ملندڙ 18 منجهان 3 اطلاعن (رپورٽس) ۾ رجحان بابت ڪُجھ شڪ ۽ گمان پيدا ڪيا آهن. ڊسمبر 2009 ۾، جسٽس ڪي. ٽي. سنڪرن، پنوز جي رپورٽ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هن هڪ ڪيس ڊائري منجهان هي نتيجو ڪڍيو تہ زبردستي مذهبي تبديلين جا اشارا ملن ٿا ۽ اها پوليس رپورٽس منجهان چٽو (واضح) آهي تہ ڪنهن خاص مقصد جي لاءِ عورتن کي "ڪُجھ برڪتن" سان مذهب تبديل ڪرڻ جي "اجتماعي ڪوشش" ڪئي پئي وڃِي. عدالت "محبت جهاد" مقدمن (ڪيسز) جي ٻن ملزمن جي درخواست ضمانت تي ٻُڌڻي ڪندي چيو تہ گُذريل چار سالن ۾ ان طرح جي 3،000 کان 4،000 ڪيسز ۾ مذهبي تبديليون ٿيون آهن. ڪيرالا هاءِ ڪورٽ ڊسمبر 2009 ۾ ان معاملي جي تحقيقن تي روڪ لڳائي ٻن ملزمن کي ريليف ڏنو هيو، ۽ پوليس تفتيش تي تنقيد ڪئي هئي. پنسوس جي ان بيان تہ "محبت جهاد" جي وجود لاءِ ڪي بهه حتمي ثبوت ناهين ملي سگهيا، کانپوءِ جسٽس ايم ساسيڌارن نمبيار ان پُڇا ڳاڇا (تفتيش) کو بند ڪري ڇڏيو.
ڪرناٽڪ حڪومت 2010 ۾ چيو هيو تہ جيتوڻيڪ ڪيترين ئي عورتن اسلام قبول ڪيو هيو، پر کين ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ جي ڪابه منظم ڪوشش ناهي ڪئي وئي. 2012 ۾، مبينا محبت جهاد جي باري ۾ ٻه سال جي جاچ (تحقيق) کانپوءِ، ڪيرالا پوليس ان کي "بنا تت مهم" قرار ڏنو. تنھن کان پوءِ، هڪ ويب سائٽ خلاف هڪ مقدمو شروع ڪيو ويو، جنهن تي مسلم تنظيمن جا جعلي پوسٽرز وسيلي نوجوانن کي لالچ ڏيڻ ۽ عورتن کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڏوڪڙ (رقم) جي پيش ڪش ڪئي ويندي هُئي. اتر پرديش پوليس کي سيپٽمبر 2014 ۾ گُذريل ٽن مهينن کان محبت جهاد جي ڇھ کان پنج رپورٽ ڪيل مقدمن ۾ مذهب مٽائڻ جي ڪوشش يا زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ جو ڪوبہ ثبوت نہ مليو. پوليس چيو تہ بدنيت شرير مردن طرفان اٽڪل بازي وارداتن جا ايڪڙ ٻيڪڙ مقدما ڪنهن وڏي سازش جو ثبوت ناهين.
2017 ۾، ڪيرالا هاءِ ڪورٽ جي انهيءَ فيصلي[8] کانپوءَ تہ هڪ هندو عورت جي مسلمان مرد سان شادي محبت جهاد جي بنياد تي غلط (باطل) آهي،[9][7] ۽ مسلمان مُڙس طرفان هندستان جي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي وئي،[10][11][12][4][13][5] جتي عدالت طرفان اين آءِ اي کي "اَڻَ ڌُري ۽ آزاد" شاهدين جي بنياد تي درخواست ڪئي وئي،[10][14][13] عدالت اين آءِ اي کي محبت جهاد جي طرز تي قائم انهيءَ طرح جي سمورن معاملن جي جانچ (تحقيق) ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.[10] پابندي مُرهيل تنظيم سيمي ڪمزور هندو عورتن کي شڪار بڻائي دهشت گرد ٺاهڻ لاءِ ڀرتي ڪري رهي آهي يا نہ[15] ۽ سيمي جهڙيون بندش پيل تنظيمن جي انهيءَ طرح جي تمام مشڪوڪ واقعن جي کوج ڪرڻ لاءِ عدالت جي انهين هدايتن اين آءِ اي کي اجازت ڏني هُئي. اين آءِ اي ان کان اڳ عدالت ۾ عرض ڪيو هيو تہ هي معاملو "الڳ ٿلڳ" واقعو ناهي ۽ ان رياست ۾ هڪ نمونو سامهون اچڻ جو سماچار لڌو آهي، جنهن ۾ چيل هيو تہ هڪ ٻئي مقدمي ۾ ساڳيا ماڻهو شامل آهن جيڪي اُڪسائي رهيا آهن.
هي خيال سڀ کان پهرئين 2009 ۾ هندوستان ۾ قومي توجہ جو مرڪز بڻيو، ان ۾ ڪيرالہ ۽ ڪرناٽڪ ۾ وڏي پيماني تي مذهبي تبديلين جا دعويٰ شامل هيا، پر پوءِ اهي دعويٰ پوري هندستان ۽ ان کان اڳتي پاڪستان ۽ برطانيا ۾ ڇکڙجي چُڪا آهن. سال 2009، 2010، 2011 ۽ 2014 ۾ پڌرائي ڪرڻ جي لهرن سميت، هندوستان ۾ محبت جهاد جي الزامن مختلف هندو، سکھ ۽ عيسائي تنظيمن ۾ ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي، جڏهن تہ مسلم تنظيمن طرفان انهن الزامن جي ترديد ڪئي وئي آهي. ريوٽرز (Reuters) مطابق، هي تصور ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ سياسي تڪرار (تنازعو) ۽ معاشرتي ڳڻتي جو ڪارَڻُ بڻيل آهي، جڏهن تہ سن 2014 تائين هڪ مُنظم محبت جهاد جي خيال کي هندوستاني ڌارا (وڏو وهڪرو mainstream) ۾ وڏي پيماني تي هڪ سازشي ٿيوري سمجيو وڃِي ٿو.
آگسٽ 2017 ۾، قومي جانچ ايجنسي (اين آءِ اي) ٻُڌايو تہ انهن کي آگسٽ 2017 ۾ محبت جهاد جي ڪُجھ معاملن ۾ هڪ عام گُرُو (رهنما، مينٽر) مليو آهي. دي اڪانومسٽ ۾ پوءِ ڇپيل مضمون مطابق، "هر ڀيري پوليس جي پُڇاڳاڇا (جانچ،تفتيش، انويسٽيگيشن) ڪنهن مُنظم منصوبي تحت مذهبي تبديلي جا ثبوت ڳولهڻ ۾ ناڪام رهي آهي. سماچار ڏيندڙن (صحافي، رپورٽرز) "محبت جهاد" جي دعويٰ کي بُخار ۾ ورتل بهترين تصورَ ۽ بدترين، ڄاڻي واڻي چُونڊن (اليڪشن) جي ترڪيب طور وري وري بي نقاب ڪيو آهي." انهيءَ رپورٽ مطابق، "محبت جهاد" جي گڏيل موضوع جي باري ۾ ڪيترائي دعويٰ بين المذهب شادي تي سخت اِعتراضَ جو اظهار ڪندا رهيا آهن، جڏهن تہ "هندوستاني قانون عقيدن جي وچ۾ هڪٻئي سان شادين ڪرڻ ۾، يا رضاڪاراڻي ۽ ڄاڻي واڻي رضامندي سان مذهبي تبيلين جي خلاف ڪابه رڪاوٽ نٿو ڪري". ان هوندي بہ اهو خيال اڃا تائين قائم رهي ٿو، ايتري قدر تہ جڏهن "متاثرن" پاران ان کي اجائي ڳالهه قرار ڏئي انڪار ڪيو ويو آهي."[16][4]
ڪيرالا چرچ چيو تہ 'محبت جهاد' حقيقت آهي، چرچ وڌيڪ دعويٰ ڪئي تہ عيسائي عورتن کي آءِ ايس جي ڄار ۾ ڦاسايو وڃِي ٿو.[17][18][19][4][15][6]