![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/0/06/Map_of_the_district_of_Hyderabad_in_Sindh.svg/langsd-640px-Map_of_the_district_of_Hyderabad_in_Sindh.svg.png&w=640&q=50)
لطيف آباد تعلقو
From Wikipedia, the free encyclopedia
لطيف آباد تعلقو(انگريزي: Latifabad Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي حيدرآباد جو تعلقو آهي جنھن جو صدرمقام لطيف آباد ٽائون آهي. ھن تعلقي جو نالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي نالي تي رکيو ويو.ھن تعلقي ۾ لطيف آباد جا 12 يونٽ ۽ ان جي پسگردائيءَ واري ٻھراڙيءَ اچي وڃن ٿا. ان جي يونٽ نمبر 7 ۽ 8 ۾ مرڪزي بازارون واقع آھن. ھن تعلقي جي آبادي جي اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن تي مشتمل آهي ان کان پوءِ ٻئي نمبر تي سنڌي ڳالهائيندڙ رھن ٿا.
ترت ڄاڻ لطيف آباد تعلقو, ملڪ ...
لطيف آباد تعلقو | |
---|---|
شھر | |
![]() سنڌ جي نقشي ۾ حيدرآباد ضلعو ڏيکاريل | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | ![]() |
ضلعو | حيدرآباد |
يونين ڪاؤنسلون | 17 |
آبادي (2010) | |
• ڪل | 1,000,761 |
مقامي وقت | پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5) |
بند ڪريو