![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/2/20/Mi-17Afganistan.jpg/640px-Mi-17Afganistan.jpg&w=640&q=50)
فرا صوبو
افغانستان ۾ صوبو / From Wikipedia, the free encyclopedia
فرا صوبو يا فرہ صوبو : (انگريزي: Farah Province ) افغانستان جي 34 صوبن مان ھڪ صوبي جو نالو جيڪو ملڪ جي اولھ واري پاسي ايران سان لڳولڳ واقع آهي. ھي صوبو 11 ضلعن م ورھايل آھي. صوبي جي آبادي 925,016 آهي جنھن ۾ 80% پشتو ڳالهائيندڙ ۽ ٻيا جن ۾ تاجڪ ۽ بلوچ شامل آهن. صوبي جو گادي جو هنڌ فرا شھر آھي جيڪو روڊ رستي ايراني شھر ماھي رود سان ڳنڍيل آهي. ھن صوبي جي پکيڙ 48٬000 ڪلوميٽرزچورس (19٬000 sq mi) آھي جيڪا ڏکڻ ڪوريا ملڪ جي اڌ جي برابر آهي. ھن صوبي جون سرحدون اتر ۾ ھرات صوبو، اتر-اوڀر ۾ غور صوبو، ڏکڻ-اوڀر ۾ ھيلمند صوبو، ڏکڻ ۾ نمروز صوبو ۽ اولھ ۾ ايران سان ملن ٿيون. ھي افغانستان جو پکيڙ ۾ چوٿون وڏو صوبو آهي. ھن صوبي ۾ کوڙ ڦٽل قلعا واقع آھن.
ترت ڄاڻ فرا Farah فرہ, ملڪ ...
فرا Farah فرہ | |
---|---|
افغانستان جو صوبو | |
![]() اساف جا پائليٽ ۽ ٽيم 2009 ۾ گلستان ضلعي مان روانا ٿيندي | |
![]() افغانستان جي نقشي ۾ فرا نمايان ڏيکاريل | |
افغانستان جي نقشي ۾ فرا نمايان ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ (گاديءَ جو هنڌ): 32.5°N 63.5°E / 32.5; 63.5 | |
ملڪ | ![]() |
گاديءَ جو هنڌ | فرا شھر |
حڪومت | |
• گورنر | محمد آصف شاھجھان |
پکيڙ | |
• ڪل | 48,470.9 ڪ.م2 (18,714.7 ميل2) |
آبادي (2015)[1] | |
• ڪل | 925,016 |
بند ڪريو