علامہ عنايت الله مشرقي: Inayatullah Khan Mashriqi: جيڪو علامہ مشرقي جي نالي سان مشھور ھو 25 آگسٽ 1888 ۾ پيدا ٿيو ۽ 27 آگسٽ 1963 ۾ وفات ڪيائين.ھي پاڪستان جو ھڪ وڏو رياضيدان، منطق جو ماھر، سياسي مفڪر، اسلامي مفڪر ۽خاڪسار تحريڪ جو باني ھيو [1][2]

ترت ڄاڻ عنايت الله خان مشرقي, پيدائش ...
عنايت الله خان مشرقي
پيدائش 25 آگسٽ 1888(1888-08-25)
امرتسر, پنجاب, برٽش انڊيا
وفات 27 آگسٽ 1963 (عمر 75 سال)
لاھور, پنجاب، پاڪستان
ٻيا نالا علامہ مشرقي
مادر علمي پنجاب يونيورسٽي
ڪرائيسٽس ڪاليج، ڪيمبرج
تنظيم خاڪسار تحريڪ
سياسي تحريڪ ھندستان جي آزادي جي تحريڪ
تحريڪ پاڪستان
بند ڪريو
Thumb
علامہ عنايت الله مشرقي

نالو

علامہ مشرقي جي پوٽي ۽ تاريخدان نسيم يوسف مطابق 1926 ۾ قاھرہ جي الازھر يونيورسٽي جي عالمن عنايت الله خان کي علامہ مشرقي جو خطاب ڏنو جنھن جي معني آهي مشرق جو ڏاھو.

تفصيلي تعارف

ھن جو تعلق امرتسر جي راجپوت خاندان سان هو.[3] ھن جو پيءُ خان عطا محمد خان ھڪ تعليم يافتہ شخص ھو ۽ امرتسر مان پوڪيل نالي سروزہ مئگزين ڪڍندو ھو.ھن جا ابا ڏاڏا مغلن ۽ سکن جي بادشاهي ۾ اھم عھدن تي رھيا.علامہ جي والد جي سماجي پوزيشن جي ڪري علامہ جون ننڍي عمر ۾ اھم شخصيتن سان ملاقاتون ٿيون جن ۾ جمال الدين افغاني ، سر سيد احمد خان ۽ شبلي نعماني شامل ھئا.ھن ابتدائي تعليم امرتسر ۾ حاصل ڪئي [4] ننڍي عمر ۾ ھن جو رياضي سان لڳاءُ ٿي ويو.لاھور جي فورمين ڪرسچين ڪاليج مان بي اي پاس ڪرڻ بعد ھن پنجاب يونيورسٽي مان ميٿميٽڪس ۾ ماسٽرز جي ڊگري ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي [5] 1907 ۾ انگلينڊ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ ڊسمبر 1912 ۾ انڊيا واپس موٽي آيو.[6] ڪميبريج ۾ ھي پروفيسر سر جيمز جينز (Sir James Jeans) جي خيالن کان ڏاڍو متاثر ٿيو.

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.