شڪاگو
From Wikipedia, the free encyclopedia
شڪاگو (انگريزي: Chicago) آمريڪا جي گڏيل رياستن ھڪ مشھور شھر آھي. ھي شھر نيويارڪ ۽ لاس اينجلس کان پوءِ آمريڪا جي گڏيل رياستن جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون نمبر وڏو شھر آھي. ھي رياست الينوائي (Illinois) جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر پڻ آھي. 2020ع جي آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 2746388 آھي[4]. ھن کي اتر آمريڪا جي پنجون نمبر گھڻ آباديءَ وارو شھر ھئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آھي. مشيگن ڍنڍ (Lake Michigan) جي ڪناري تي آباد ھن وسنديءَ کي 1837ع ۾ شھر جو درجو مليو. اوڻويھين صديءَ ۾ ھن شھر تيزيءَ سان ترقي ڪئي. 1871ع ۾ ھن شھر کي خطرناڪ باھ وڪوڙي وڌو جنھن سبب اٽڪل ھڪ لک ماڻھو پنھنجي گھرن کان محروم ٿي ويا ۽ شھر کي ٻيھر تعمير ڪرڻو پيو. انھيءَ باھ واري واقعي کان فقط ٽيھ سال پوءِ ھي دنيا جو پنجون نمبر وڏو شھر بڻجي ويو[5]. ھيءُ شھر پنھنجي خوبصورت اڏاوت ۽ شاندار عمارتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. 2018ع ۾ 18 ملين سياح ھي شھر گھمڻ لاءِآيا[6] . ھتان جو اوھاري بين القوامي ھوائي اڏو دنيا جو ڇھون نمبر مصروف ھوائي اڏو شمار ٿئي ٿو. 2021ع ۾ ھن شھر کي دنيا جو ٻيو نبمر سھڻو شھر قرار ڏنو ويو[7].
شڪاگو، الينوائي | |||||
---|---|---|---|---|---|
شھر | |||||
شڪاگو جو شھر | |||||
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي: اسڪاءِ لائين آف ڊائون ٽائون، ولس ٽاور، شڪاگو ٿيٽر، شڪاگو ”L“، نيوي پيئر، فيلڊ ميوزيم، پزڪر پويلين | |||||
| |||||
ڀانڃ: شڪاگو Shikaakwa لفظ مان ورتل آھي جنھن جي معني آھي ”جھنگلي بصر“ يا ”جھنگلي ٿوم“ | |||||
نعرو: لاطيني ٻولي: Urbs in Horto (City in a Garden); I Will | |||||
شڪاگو جو نقشو | |||||
جاگرافي بيهڪ: 41°52′55″N 87°37′40″W[1] | |||||
ڪائونٽي | آمريڪا جون گڏيل رياستون | ||||
رياست | الينوائي | ||||
ڪائونٽيس | ڪُڪ ڪائونٽي، ڊوپيج ڪائونٽي | ||||
بنياد پيو | ت. 1780؛ 243 سال اَڳُ (1780) | ||||
ٽائون جو درجو مليو | آگسٽ 12, 1833؛ 190 سال اَڳُ (1833-08-12) | ||||
شھر جو درجو مليو | مارچ 4, 1837؛ 187 سال اَڳُ (1837-03-04) | ||||
قيام | Jean Baptiste Point du Sable | ||||
حڪومت | |||||
• قسم | ميئر ڪائونسل | ||||
• مجلس | شڪاگو سٽي ڪائونسل | ||||
• ميئر | Lori Lightfoot (D) | ||||
• سٽي ڪلارڪ | Anna Valencia (D) | ||||
• سٽي خزانچي | Melissa Conyears-Ervin (D) | ||||
پکيڙ[2] | |||||
• شھر | 234.53 ميل2 (607.43 ڪ.م2) | ||||
• زميني | 227.73 ميل2 (589.82 ڪ.م2) | ||||
• آبي | 6.80 ميل2 (17.61 ڪ.م2) | ||||
بلندي[1] (mean) | 597.18 ft (182.02 ميل) | ||||
بلند ترین پیمائش – near Blue Island |
672 ft (205 ميل) | ||||
گھٽ ترین پیمائش – at Lake Michigan |
578 ft (176 ميل) | ||||
آبادي (2021)[3] | |||||
• شھر | 2,746,388 |