شماريات
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڳاڻيٽي جو علم، علم شماريات، انگ اکر وديا، انگ شاستي، شماريات (انگريزي: Statistics )[1] مواد جي سائنسي انداز ۾ ڏين، ترتيب، رياضتي تجزيو، ته جيئن جنهن آبادي منجهان انگ اکر کنيا ويا هجن، انهن جي باري ۾ ڪو نتيجو ڪڍي سگهجي يا اُنهن لڪل جزن جي اهميت جي باري ۾ اندازو لڳائي سگهجي.[2]انگن اکرن (statistics) جي ابتدا ۾ معنيٰ، ”اهو علم هو، جنهن جي مدد سان سماج، حڪومت يا فضا جي حالتن جا انگ اکر گڏ ڪيا وڃن يا ڪنهن ٻئي نموني انهن جي پرک ورتي وڃي.“ لفظ اسٽيٽسٽڪس جي معنيٰ آهي ته: ”ڪنهن طبقي جي ماڻهن جي حالتن بابت حقيقتن ۽ انگن اکرن کي گڏ ڪرڻ يا اهو سائنسي علم جيڪو ماڻهن جي سماجي، اخلاقي ۽ جسماني حالتن جي حقيقتن گڏ ڪرڻ جي ترتيب لاءِ ڪم اچي[3]. ڊاڪٽر احسان الله خان مطابق شماريات اھڙو علم آھي جنھن جي مدد سان مختلف قسمن جي معلوماتن ۽ حقيقتن کي انگن اکرن جي صورت ۾ گڏ ڪري ان جي سائنسي تجزئي کان پوءِ ڪو نتيجو ڪڍيو ويندو آهي[4]. هن وقت سائنسي دور ۾ انگن اکرن واري علم جي اهميت ۽ دائرو تمام وسيع ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هن علم جي مدد سان سماج جي هر ڪنهن پهلوءَ جي خاصيتن، حقيقتن، مادي حالتن، ڳڻپ وارين حقيقتن کي شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح 19ھين صدي جي آخرين حصي ۾ هن علم جو مقصد، اصولن ۽ فن جي لحاظ کان حقيقتن جي انگن اکرن کي گڏ ڪرڻ، مختصر ڪرڻ ۽ انهن جي تشريح ڪرڻ آهي. جانسن مطابق: ”دنيا ۾ اچڻ کان وٺي مرڻ تائين اسانجي زندگي جي هر حالت کي هن علم جي مدد سان محفوظ ڪيو وڃي ٿو: ڄم، موت، شادي، جدائي، اسانجي ٻارن جي روزاني حاضري، هاريءَ جي پنهنجي زمين مان پيداوار، اسانجي محنت جا ڪلاڪ، هوائي جهازن جي سفر جا فاصلا، سج جو اڀرڻ کان لهڻ تائين وقت، طرف جي ڪرڻ جي ماپ وغيرهه، اهي سڀ عمل ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن طرح محفوظ رکيا وڃن ٿا. بيشمار اهڙا ۽ ٻيا عمل ۽ آزمودا روزاني زندگي ۾ دنيا جي سڀني ماڻهن کي پيش ايندا رهن ٿا.، جن کي انگن اکرن جي مدد سان ڇپائي محفوظ ڪيو وڃي ٿو[5].“ مجموعي طور ائين چئجي ته اهو علم جنهن جي مدد سان دنيا جي هر ڪنهن شيءَ، فضا ۽ جنس جي حالتن ۽ حقيقتن جي خاصيتن ۽ خامين جي قدر ۽ عدد لاءِ گڏ ڪيل انگن اکرن کي مختصر ڪري ، انهن جي سراسري فاصلي ۽ سيڪڙي جي ڀيٽ جي مدد سان نتيجو ڪڍيو وڃي ٿو.[6] تحقيق ۾ موجود وقت انگن اکرن واري علم جي ايتري ته اهميت وڌي ويئي آهي جو ڪارگر تحقيق انهيءَ کي سمجھيو وڃي ٿو جنهن ۾ تجزئي لاءِ گڏ ڪيل انگن وارن عددن کي مختصر ڪري انهن جي مدد سان نتيجو ڪڍيو وڃي. اهو نتيجو گروهن ۾ جيڪا نسبتي تبديلي هوندي آهي، انهن جي تفاوت يا تعلق معلوم ڪرڻ سان واسطو رکندو آهي. اهي تبديليون ٻن قسمن جون هونديون آهن: هڪ وصفي (Nominal)۽ ٻيون وقفي (Interval). اهڙي تبديلي کي انگن اکرن واري علم جي خاص اصولن تي پرکيو وڃي ٿو.[6]