From Wikipedia, the free encyclopedia
سي ٽي اسڪين(انگريزي: CT scan) جنھن جو سڄو نالو ڪمپيوٽيڊ ٽوموگرافي اسڪين(انگريزي: computed tomography scan ) آهي.[2] اسڪينر مشين ذريعي ڪمپيوٽر جي مرحلي واريون مختلف پاسن کان ايڪس ري جي ماپ مطابق مريض جي جسم جي حصن جون ٽوموگرافي واريون تصويرون ھڪ خاص ترتيب ۾ ڪڍي انھن ذريعي جسم جي ان حصي کي ڪٽڻ کان بغير ان اندر ڏٺو ويندو آهي ٻہ رخي ريڊيو گرافڪ تصويرون جيڪي ھڪڙي محوري ڦيري ۾ ڪڍجن ٿيون اھي ڊجيٽل جاميٽري جي مرحلي ۾ آڻي ٽہ رخي تصويرن ۾ تبديل ڪري سگھبيون آھن.[3] سي ٽي اسڪين جي سڀ کان وڌيڪ ڪارڪردگي ميڊيڪل اميجنگ آھي. ان جون آڏي تراش تصويرون ( cross-sectional images) ڪيترن ئي ميڊيڪل جي شعبن ۾ مرض جي سڃاڻپ ۽ ٿراپي واري ڪم ڏين ٿيون. [4] ھن اسڪيننگ جو استعمال ميڊيڪل واري شعبي کان علاوه آرڪيالاجي جي شعبي ۾ پڻ ٿيندو آھي. ھن قسم جي اسڪيننگ ڪرڻ واري کي ريڊيو گرافر ريڊيولاجڪ ٽيڪنالاجسٽ سڏيو ويندو آهي.[5][6] گذريل ٻن ڏهاڪن م ھن قسم جي اسڪيننگ جو استعمال دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڌي ويو آهي.[7] 2007 ۾ رڳو آمريڪا ۾ ست ڪروڙ ويھ لک اسڪين ڪيا ويا ۽ 2015 ۾ اٺ ڪروڙ کان وڌيڪ اسڪين ڪيا ويا .[8][9]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.