سينٽ پيٽرسبرگ
وفاقي شهر ۾ ۽ روس جي اڳوڻي راڄڌاني From Wikipedia, the free encyclopedia
وفاقي شهر ۾ ۽ روس جي اڳوڻي راڄڌاني From Wikipedia, the free encyclopedia
سينٽ پيٽرزبرگ (انگريزي: Saint Petersburg) يورپ ۾ واقع روس جو ٻيون نمبر وڏو شھر ۽ بندرگاھ آھي. جنھن جو 1914 کان 1924 تائين نالو پيٽروگراڊ (Petrograd) ھيو ۽ 1924 ۾ ان تي نئون نالو ليننگراڊ (Leningrad) رکيو ويو جيڪو 1991ع تائين برقرار رھيو پر 1991 ۾ سويت يونين جي ٽٽڻ بعد ان جو نالو تبديل ڪري اصل نالو سينٽ پيٽرزبرگ بحال ڪيو ويو. نيوا ندي تي بالٽڪ سمنڊ جي فنلئنڊ واري نار لڳ واقع جي شھر روس جو ماسڪو بعد ٻيون نمبر وڏو شھر آھي جنھن جي آبادي اٽڪل 54 لک آهي[6]. يورپ جو چوٿون نمبر وڏو گھاٽي آبادي وارو شھر آھي ۽ بالٽڪ سمنڊ تي واقع سڀ کان وڏو شھر آھي.
سينٽ پيٽرزبرگ | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
وفاقي شھر | ||||||||
Санкт-Петербург | ||||||||
مٿان کان ھيٺ، کاٻي کان ساڄي: ونٽر پئليس; پئليس برج; سينٽ پيٽر ۽ سينٽ پال ڪيٿيڊرل; سينٽ آئزڪ واري ڪيٿيڊرل; جنرل اسٽاف بلڊنگ; واسليئيوسڪي ٻيٽ ۽ نيوا جي پاڻي ۾ زميني ڦتيل | ||||||||
| ||||||||
جاگرافي بيهڪ: 59°56′15″N 30°18′31″E | ||||||||
ملڪ | روس | |||||||
وفاقي ضلعو | اتراولھائون وفاقي ضلعو[1] | |||||||
معاشي ريجن | اتر اولھائين معاشي ريجن[2] | |||||||
قيام | 27 مئي 1703[3] | |||||||
حڪومت | ||||||||
• مجلس | مقننه | |||||||
• گورنر | اليگزينڊر بيگلوف (يونائيٽيڊ رشيا (سياسي پارٽي)) | |||||||
پکيڙ[4] | ||||||||
• ڪل | 1,439 ڪ.م2 (556 ميل2) | |||||||
پکيڙ ۾ درجو | 82nd | |||||||
آبادي | ||||||||
• ڪاٿو
2018 [5] |
5,351,935 |
وفاقي انتظام ھيٺ جي شھر بالٽڪ سمنڊ جي بندرگاھ آهي ۽ اھو روسي ايمپائر جو گاديءَ جو هنڌ رھيو ھو. ھن شھر جو بنياد 27 مئي 1703ع ۾ روسي زار يا بادشاھ پيٽر اعظم رکيو ۽ ان جو نالو عيسائي سينٽ پيٽر جي نالي تي رکيو. ھن گادي ماسڪو مان ان نئين شھر منتقل ڪئي. جنھن بعد 1713 ۾ پيٽر اعظم روسي ايمپائر جو بنياد وجھي پاڻ کي شھنشاھ قرار ڏئو ۽ اھا نئين ايمپائر يورپ جي ھڪ وڏي طاقت بڻجي وئي[7] وچ ۾ ڪجهه وقت لاء 1728 کان 1730 تائين ماسڪو وري گادي جو هنڌ ٿيو ھو[8] 1917 واري آڪٽوبر انقلاب بعد بالشويڪن گادي ماسڪو ڏانھن منتقل ڪئيط[9]. ھي شھر ھاڻي روس جو ثقافتي گادي طور سڃاتو وڃي ٿو[10] جي شھر روس ۾ سياحت جو ھڪ وڏو مرڪز آهي. رڳو 2018 ۾ ان شھر م اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ سياح گھمڻ آيا[11][12] روس جي نيشنل لائبريري، روسي سپريم ڪورٽ۽ روسي بحريه جو صدر مقام، دنيا جو سڀ کان وڏو آرٽ ميوزيم ۽ کوڙ عالمي ورثو قرار ڏنل تاريخي جايون پڻ اتي واقع آھن
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.