ايٽمي انگ 79 وارو ڪيميائي عنصر From Wikipedia, the free encyclopedia
سون ھڪ ڌاتو آھي جنھن کي قديم کان زماني زيور طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. سون جو رنگ سونھري ٿيندو آھي. سون ٻين ڌاتن جھڙوڪ لوھ، چاندي، ٽامي وغيره کان وڌيڪ مھانگو آھي.
سون کي عربي ۾ ذهب، فارسي ۾ طلازر، ھندي ۽ ٻين مقامي ٻولين ۾ سونا، عقيان، آبريز، زرشمس ۽ مکنون چوندا آهن. طبي لحاظ کان ان جو اثر معتدل گرميءَ وارو آھي. اھو ھڪ چلڪڻي گهاٽي هيڊي رنگ جو ڌاتو آهي.طبي خاصيت مطابق هن جا ورق يا ڪشتو دل ۽ دماغ کي خوش ڪن ٿا. جگر، معدي، گردن ۽ ذهن کي طاقت ڏين ٿا. ماليخوليا ۽ سوداوي بيمارين ۾ مفيد آهي. بدن کي ٿلهو ڪري قوت باهه کي وڌائي ٿو. گردي ۽ مثاني جي پٿري، بواسير جي رت، فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ لاءِ فائدي وارو آهي. هن جو سرمون اک جي روشنائي وڌائي، ڌنڌ ۽ ڦلي کي هٽائي ٿو..[1]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.