![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/d/d4/Raspberry-Pi-2-Bare-BR.jpg/640px-Raspberry-Pi-2-Bare-BR.jpg&w=640&q=50)
سنگل بورڊ ڪمپيوٽر
From Wikipedia, the free encyclopedia
سنگل بورڊ ڪمپيوٽر يا ھڪ تختي وارو ڪمپيوٽر (انگريزي: single-board computer ) يا (SBC) ھڪ ڇڙي سرڪٽ بورڊ تي ٺھيل ھڪ مڪمل ڪمپيوٽر ھوندو آھي جنھن ۾ مائڪرو پروسيسر، ريم، ان پٽ/ آئوٽ پٽ، ۽ ٻيا حصا شامل ھوندا آھن. سنگل بورڊ ڪمپيوٽر تعليمي نظامن لاء عملي نمائش طور استعمال ٿيندا آهن. گھرن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪمپيوٽرن ۾ سڀ ڪم جون شيون سرڪٽ بورڊ ۾ لڳل ھونديون آھن. ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر ۾ ۽ سنگل بورڊ ڪمپيوٽر ۾ فرق اھو آھي تہ ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر ۾ ڪم واري سامان جو اضافو ممڪن ھوندو آھي ۽ ان جي صلاحيت کي سامان لڳائي وڌائي سگھجي ٿو جيڪو اضافو سنگل بورڊ ڪمپيوٽر ۾ نہ ٿو ڪري سگھجي.[2][3]
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/d/d4/Raspberry-Pi-2-Bare-BR.jpg/640px-Raspberry-Pi-2-Bare-BR.jpg)