سنڌي ثقافتي ڏھاڙو
سنڌوماٿريءَ جي ثقافت ۽ ورثي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ملھايو ويندڙ ڏھاڙو / From Wikipedia, the free encyclopedia
سنڌي ثقافتي ڏينھن، يا، سنڌ ثقافتي ڏهاڙو (سنڌي سڀيتا ڏهاڙو، سنڌي ايڪتا ڏهاڙو) (انگريزي ٻولي: Sindhi cultural Day) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ موجود سنڌي ماڻهو, دنيا جي ٻين غير قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي پڻ هي ڏيهن هر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن،[1][2] جنهن کي ايڪتا جو ڏينھن پڻ چيو وڃي ٿو.[3] سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو وڏي پيماني تي سنڌ جي صدين کان سنڌ جي قديم شاهوڪار ثقافت نمايان ڪرڻ جي لاءِ روايتي جوش سان ملهايو ويندو آهي.
سنڌي ثقافتي ڏينھن | |
---|---|
سنڌي ٽوپي، سنڌي ثقافت جو مُک جزو | |
ملهائڻ وارا | سنڌي |
قسم | عوامي |
اهميت | سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ |
تاريخ | ڊسمبر جي پھرين آچر |
دورانيو | 1 ڏينھن |
تقرر | ساليانو |
آمريڪن قونصل خاني ڪراچي پاران قونصل جنرل برائن هيٿ جي رھائش گاھ تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان هڪ موسيقيءَ جي تقريب رکي جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو. گذريل ڇهن سالن کان آمريڪي قونصل خانو سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ھر سال تقريب جو اھتمام ڪندو رهي ٿو.[4][5]
ان ڏهاڙو تي سنڌ ۾ مختلف ثقافتي سرگرميون ڪيون وينديون آهن جنهن ۾ صوفياڻي ڪچهري، سُگهڙ ڪچهري، ادبي ڪانفرس وغيره شامل آهن.[6]