![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/b/b4/Sargasso.png/640px-Sargasso.png&w=640&q=50)
سرگاسو سمنڊ
سمنڊ / From Wikipedia, the free encyclopedia
سرگاسو سمنڊ (Sargasso sea) ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ واقع ھڪ سمنڊ آھي.[1] جنھن جون حدون ٻين ننڍن سمنڊن جي برعڪس زمين سان نہ ٿيون لڳن.[2][3][4] ھي پنھنجي وصفن: سارگسم نالي ناسي رنگ جي سامونڊي ٻوٽن ۽ اڪثر ماٺيلي نيري رنگ جي پاڻي جي ڪري ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي ھڙني ننڍن سمنڊن کان منفرد آھي.[1] ھن سمنڊَ جون حدون اولھ طرف ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ ميڪسيڪو جي نار کان اٿي فلوريڊا پار ڪري اتر ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پھچندڙ نار واري ھوائن پھچڻ واري ھنڌ سان لڳن ٿيون. اتر طرف اتر ايٽلانٽڪ ھوائن واري ھنڌ سان لڳن ٿيون. اوڀر طرف ڪئنري واري ھوائن جي ھنڌ سان ملن ٿيون ۽ ڏکڻ طرف اتر استوائي ھوائن جي وھڪري سان ملن ٿيون. ھن سمنڊ جي جاگرافيائي بيھڪ °70 ۽ °40 ڊگري اولھ طرف ۽ °20 کان °35 ڊگري اتر طرف جي وچ ۾ واقع آهي. اھو لڳ ڀڳ 1100 ڪ م ويڪرو ۽ 3200 ڪ م ڊگھو آھي.[5][6] ھن سمنڊ جي پکيڙ اٽڪل 35 لک چورس ڪلوميٽر آهي. ھن سمنڊ جي اولھندي ڪناري جي ويجھو برموڊا واقع آهي.[7] ھن سمنڊ جو رنگ نيرو ھجڻ سان گڏ ان جي پاڻي جي اندر ڪمال جي چٽائي آھي ۽ ڏسڻ جي حد پاڻي جي اندر 61 ميٽرن يا 200 فٽن تائين آھي.[8][9]
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/b/b4/Sargasso.png/320px-Sargasso.png)
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/b/b4/North_Atlantic_Gyre.png/640px-North_Atlantic_Gyre.png)