سريماوو بندرانائڪي
سري لنڪا جي سياستدان (1916 کان 2000) / From Wikipedia, the free encyclopedia
سريماوو بندرانائڪي (انگريزي ٻولي: Sirimavo Bandaranaike) (پيدائشن اپريل 17، 1916، رتناپورا، سيلون [هاڻي سري لنڪا]ـ 10 آڪٽوبر 2000، ڪولمببو، سري لنڪا)[1]،سندس پورو نالو ڪماري شيريمائو رتواتي دياس بندرانائڪي آهي، ۽ کيس سيريماوا آر.ڊي.بندرانائيڪي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي.[2] 1960 ۾ دنيا جي سڀ کان پهرين عورت وزيراعظم بڻي هئي،[3][4][5][6] جڏهن هو 1960 ۾ سري لنڪا جي وزيراعظم (ان دور ۾ سيلون جي حڪمران) بڻجي وئي هئي.[7][1] هو سري لنڪا جي سياستدان هئي. هوءَ دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم طور سڃاتي وڃي ٿي.[7] هن ٽن دورن: 1960کان1965 ، 1970کان1977 ۽ 1994کان2000 تائين خدمتون ڏنيون.
هوءَ هڪ اميراڻو ڪُٽنب ۾ پيدا ٿي هئي، بندرانائيڪ ڪيٿولڪ، انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي، پر هيءُ ٻُڌسٽ رهي ۽ سنهالا ٻولي سان گڏوگڏ انگريزي پڻ ڳالهائيندي هئي. سيڪنڊري اسڪول مان گريجوئيشن ڪرڻ تي، پنهنجي شادي ۽ خاندان پرورش کان اڳ هن مختلف سماجي پروگرامن ۾ ڪم ڪيو. هيءَ پنهنجي مڙس ايس ڊبليو آر ڊي بندرانائڪ[1] سان گڏجي مهماندارڻ (هوسٽيس) بڻجي کيڏندي، جيڪو سياست ۾ شامل هو ۽ بعد ۾ وزيراعظم ٿيو، هن هڪ غير رسمي صلاحڪار جي حيثيت سان سندس اعتماد حاصل ڪيو هيو. هن جو سماجي ڪم سري لنڪا جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي زندگين کي بهتر بڻائڻ تي ٻڌل هيو. 1959 ۾ پنهنجي مڙس جي قتل کانپوءِ، بندارانائڪي سياست ۾ داخل ٿي، سري لنڪا جي فريڊم پارٽي جي چيئروومين بڻجي وئي. هن جولاءِ 1960 جي اليڪشن ۾ ڪاميابي جي لاءِ پارٽي جي قيادت ڪئي.
بندرانائڪي بئنڪنگ، تعليم، صنعت، ميڊيا ۽ واپار جي شعبن ۾ تنظيمن کي قومي قبضي ۾ وٺي سيلون جي اڳوڻي برطانوي ڪالوني کي سوشلسٽ ريپبلڪ ۾ سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي. انتظامي ٻولي کي انگريزي کان سنھالا ۾ تبديل ڪرڻ سان، ھن مقامي تامل آبادي، ۽ اسٽيٽ تاملن، جيڪي 1948 جي سٽيزن ايڪٽ تحت بي وطن ٿي ويا ۾ ڳڻتي کي وڌايو. بندرانائيڪ وزيراعظم طور پهرين ٻن مُدن دروان، ملڪ وڏي مهانگائي (افراط زر) ۽ ٽيڪس، سندس سنهالي قوم پرست پاليسين جي سبب سنهالين ۽ تامل آبادين جي وچ ۾ عوام کي کاڌو کارائڻ جي درآمد تي انحصار، وڏي بيروزگاري، ۽ مخالفت (پوليرائيزيشن) جي آزار ۾ ورتل هيو.
ان آزار کان بچندڙن 1962 ۾ بغاوت جي ڪوشش ڪئي ۽ 1971 ۾ بنياد پرست نوجوانن جي بغاوت تي قابو پاتو ويو، ان سان 1972 ۾ هن هڪ نئين آئيني مسودو جي جوڙجڪ ۽ سري لنڪا جي جمهوريت جي قيام جي نگراني ڪئي. 1975 ۾، بندرانائڪي آخرڪار عورتن ۽ ٻارن جي معاملن جي سري لنڪا واري وزارت بڻجڻ سان ئي، سري لنڪا ڪابينا ۾ پڻ خدمتون ڏيندڙ پهرين عورت مقرر ڪيو ويو. بندرانائڪي جي دور حڪومت ۾ قومي سطح تي گهٽ ۾ گهٽ معاشي ترقي جي نشاندهي ڪئي وئي. هن غير لاڳاپيل قومن ( Non-Aligned Nations) جي ۾ مذاڪرات ڪار ۽ اڳواڻ جي حيثيت سان هن ٻاهرين ملڪ پڻ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪيو.