سجاڳي
From Wikipedia, the free encyclopedia
”سجاڳي“ لاءِ عربيءَ لفظ ”شعور“ ۽ انگريزيءَ ۾ ڪانشيسنيس (Consciousness) ڪتب اچي ٿو. انگريزي جو لفظ اسپرٽ (انگريزي ٻولي: Sprit) پڻ ساڳي معنا لاءِ استعمال ۾ اچي ٿو. ليکڪ مرحوم ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پنهنجي ڪتاب ”شعور“ ۾، ”سمجهه“ کي هن ريت بيان ڪيو آهي. هن موجب: ڄاڻ، سڄاڻ، عقل، سوچ، سُڌ، عقيدي، احساس، ارادي، خيال، خواهش، تصور، تانگهه، سِڪ، ساڃاهه، جذبي، ذهانت، ويساهه، وهم، اميد ۽ امنگ جو گڏيل ميڙ يا مجموعو ئي اصل ۾ ”سمجهه“ آهي. [1]