![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/3/3a/Nembrotha_aurea_B.jpg/640px-Nembrotha_aurea_B.jpg&w=640&q=50)
سامونڊي گھوگھيتو
From Wikipedia, the free encyclopedia
سامونڊي گھوگھيتو(انگريزي: Sea slug) ھڪ سامونڊي غيرڪرنگھيدار زميني گھوگھيتن (انگريزي: slugs) سان ملندڙ جلندڙ ھڪ جاندار آھي. ھنن کي کوپو ڪانہ ٿيندو آهي.[1] آھي جسم جي نموني، رنگ ۽ ماپ ۾ ھڪٻئي کان مختلف ٿيندا آهن. ھنن ۾ زھريلا ڏنگيندڙ گھرڙا ٿيندا آهن تنھن ڪري ان کي کائيندڙ جاندارن کي کائڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي.گيسٽروپاڊ جاندارن وانگر سامونڊي گھوگھيتن جا ڏند ننڍڙين پاڪين وانگر ٿين ٿا جن کي ريڊيولا چوندا آهن. اڪثر سامونڊي گھوگھيتن جي مٿي تي ٻہ جوڙا حسي سونڍ (انگريزي: tentacles) جا ٿين ٿا جن جي چوٽين ۾ ان جون اکيون لڳل ھونديون آھن ۽ انھن سونڍن وسيلي کيس سنگھڻ جي حس استعمال ڪندو آهي [2][3]
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/3/3a/Nembrotha_aurea_B.jpg/640px-Nembrotha_aurea_B.jpg)
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/d/db/Fish3923_-_Flickr_-_NOAA_Photo_Library.jpg/640px-Fish3923_-_Flickr_-_NOAA_Photo_Library.jpg)