سامونڊي سائنس
From Wikipedia, the free encyclopedia
سامونڊي سائنس یا اوشیانوگرافي (Oceanography) ڌرتي سائنس جي شاخ آهي جيڪا سمنڊن جو مطالعو ڪري ٿي. سامونڊي سائنس مختلف موضوعن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾، سمنڊن ۾ مختلف مواد جي وهڪري جي مطالعي کان علاوه سامونڊي حياتيات، ماحولياتي نظام جي حرڪت، سامونڊي وهڪرن، جيو فزيڪل فلوئڊ ڊائينامڪس، پليٽ ٽيڪٽونڪس، سامونڊي ارضيات ۽ سمنڊ اندر ۽ ان جي حدن ۾ مختلف ڪيميائي مادن ۽ طبیعي خاصيتن جا وهڪرا شامل آھن.
اهي متنوع موضوع ڪيترن ئي مضمونن جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪي سامونڊي ماهر دنيا جي سمنڊ جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن، جن ۾ فلڪيات، حياتيات، ڪيميا، جاگرافي، ارضيات، طبیعیات، هائيڊرولوجي ۽ موسميات شامل آهن. پيلیو اوشیانوگرافي ماضي ۾ سمنڊن جي تاريخ جو مطالعو ڪري ٿو. هڪ اوشیانوگرافر هڪ شخص آهي جيڪو سمنڊن سان لاڳاپيل ڪيترن ئي معاملن، بشمول سامونڊي ارضيات، فزڪس، ڪيمسٽري ۽ حياتيات جو مطالعو ڪري ٿو.