سائنٽولاجي
سائنسي عقيدا ۽ عمل / From Wikipedia, the free encyclopedia
سائنٽولاجي(انگريزي: Scientology ) مذھبي عقيدن تي مشتمل نفس جو ھڪ ضابطي جو نالو آهي. لفظ سائنٽولاجي مئي 1952 ۾ آمريڪي ليکڪ آيل.ران ھوبارڊ (1911–86) متعارف ڪرايو. ھن ابتدائي طور تي ان خيال تي مشتمل ھڪ پروگرام ڊائنيٽڪس (Dianetics) جوڙيو جيڪو ڊائنيٽڪس فائونڊيشن ذريعي ورھايو ويندو ھو.اھا فائونڊيشن 1952 ڏيوالي نڪرڻ جي ڪري پوري ٿي وئي ۽ ڊائنيٽڪس: دماغي صحت لاء ھڪ جديد سائنسجي شايع ڪرڻ جا حق ۽ واسطا وڃائي ويٺو. ھن پوء ان مذھبي ضابطي جون وصفون نئين سر بيان ڪندي ان کي سائنٽولاجي جو نالو ڏنو [3] ھن مذھبي ضابطي جي عمل ۾ اي ميٽر (e-meter) ۽ آڊٽنگجي استعمال کي برقرار رکيو .[4][5] سال اندر ھن ڊائنيٽڪس جا حق ۽ واسطا ٻيھر حاصل ڪيا ۽ ٻنھي موضوعن کي چرچ آف سائنٽولاجي جي نالي سان برقرار رکيو. [6][7][8][9]
ترت ڄاڻ سائنٽولاجي, تشڪيل ...
سائنٽولاجي | |
---|---|
سائنٽولاجي جي چرچ جو نشان[1] | |
تشڪيل | مئي 1952 |
نوعيت | آمريڪا، آسٽريليا، اسپين ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ مذھب طور تسليم ڪيل، باقي جرمني، فرانس ۽ ڪجهه ملڪن م نفعي وارو ڪاروبار طور مڃيل |
مقصد | نفس تي ضابطو |
صدر دفتر | گولڊ بيس ندي جي پاسي واري ڪائونٽي، ڪيليفورنيا[2] |
مذھبي ٽيڪنالاجي سينٽر جو چيئرمين |
ڊيوڊ مسڪي وج(David Miscavige) |
ويب سائٽ | www.scientology.org |
تبصرو | فليگ شپ سھولت؛ چرچ آف سائنٽولاجي انٽرنيشنل، لاس اينجلس، ڪيليفورنيا، آمريڪا |
بند ڪريو