زغرب (Zagreb)[2][3] [4] يورپ جي ملڪ ڪروشيا جو گاديءَ جو هنڌ ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي.[5] اھو ملڪ جي اتر اولھ واري حصي م ساوا ندي جي ڪناري ميڊويدنيڪا (Medvednica) جبل جي پاسي ۾ واقع آهي. ھي شھر سامونڊي سطح کان 122 ميٽر (400 ڦٽ) بلندي تي واقع آهي.[6][7] سال 2001ع ۾ ھن شھر جي آبادي 6,91,724 ھئي.[8] سال 2018ع ۾ ھن شھر جي آبادي جو تخمينو 8,20,678 ھيو.[9] ان جي ارد گرد جي آبادي کي ملائي ڪل شھري آبادي 10,86,528 ھئي،[10] جنھن جو چوٿون حصو ڪروشيائي نسل سان تعلق رکندڙ ھو. زغرب شھر جي تاريخ رومن ايمپائر واري دؤر کان شروع ٿئي ٿي.[11][12][13][14] لفظ زغرب جو تاريخ ۾ پھريون ذڪر 1134ع ۾ ملي ٿو جنھن ۾ 1094ع ۾ ڪيپٽول (Kaptol) جي وسندي جي قيام جي حوالي سان ذڪر ٿيل ھو. 1242ع ۾ زغرب ھڪ آزاد شاھي شھر بڻجي ويو هو.[15][16][17][18] انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق ھن شھر جو تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ذڪر 1093ع ۾ ملي ٿو جڏھن اتي رومن ڪيٿولڪ بشپري قائم ڪئي وئي ھئي.[8] يورپ جي وچولي دؤر ۾ موجوده زغرب واري ھنڌ ھڪ شھري ۽ ڪليسائي آبادي واقع ھئي.[8] ھي شھر يوگوسلاويه جي قيام واري تحريڪ ۽ بعد ۾ ڪروشيائي آزادي جي تحريڪ جو مرڪز رھيو آھي.[8] سال 1991ع ۾ يوگوسلاويه کان ڌار ٿيڻ جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ گھرو ويڙھ ۾ ھن شھر جو ڏاڍو نقصان ٿيو ھو.[8] ھي شھر ھن وقت ڪروشيا جو اھم صنعتي مرڪز آهي.[8] ھن شھر ۾ زغرب يونيورسٽي ۽ سائنسز اينڊ آرٽس اڪيڊمي پڻ واقع آھن.[8]

ترت ڄاڻ زغرب, ملڪ ...
زغرب
گادي جو هنڌ
Grad Zagreb
زغرب شھر
Thumb
ThumbThumb
ThumbThumb
Thumb
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان ھيٺ:سينٽ مارڪ وارو چؤڪ، ڪروئيشيائي سرڪار جو دستاويزخانو، ٽرام فن جو نمائش گھر،سبونا & ھوٽو وارا ٽاور ۽ ڪروئيشيائي نيشنل سينٽر .
Thumb
جھنڊو
Thumb
قومي نشان
Thumb
زغرب
زغرب
Thumb
زغرب
زغرب
ڪروئيشيا ۾ زغرب جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 45°49′N 15°59′E
ملڪ  ڪروشيا
ڪائونٽي زغرب شھر
آر سي ڊائسيس 1094
آزاد شاھي شھر 1242
انضمام 1850
سب ڊويژنون 17 شھري ضلعا
218 مڪاني ڪاميٽيون
(70 آباديون)
حڪومت
  قسم ميئر ڪائوسل
  ميئر Milan Bandić (BM 365)
  شھري اسيمبلي
پکيڙ[1]
  گادي جو هنڌ 641 ڪ.م2 (247 ميل2)
  شھري 202.4 ڪ.م2 (78.1 ميل2)
  ميٽرو 3,719 ڪ.م2 (1,436 ميل2)
بلند ترین  پیمائش 1,035 ميل (3,396 ft)
آبادي
بند ڪريو

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.