زاپوٽڪ ماڻھو
From Wikipedia, the free encyclopedia
زاپوٽڪ يا زاپوتڪ (انگريزي: Zapotecs ) ميڪسيڪو جا اصل رھاڪو آھن جن کي ميڪسيڪو جا انڊين سڏيندا آهن. انھن جي آبادي گھڻي ڀاڱي ڏکڻ ميڪسيڪو جي واھاڪا(Oaxaca) ۾ واقع آهي[2]. ھن وقت زاپوٽڪ ماڻھن جو تعداد اٺ لک کان ڏھ لکن تائين آهي.
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/b/be/Zapotecos.png/640px-Zapotecos.png)
![]() | |||
زاپوٽڪ عورتن ۽ ٻارن جي 1908ع جي نڪتل تصوير | |||
ڪل آبادي | |||
---|---|---|---|
ت. 10 لک | |||
نمايان آبادي وارا علائقا | |||
![]() | |||
| |||
ٻوليون | |||
مذھبَ | |||
رومن ڪيٿولڪ مذهب روايتي عقيدن سميت |
ڪولمبس جي آمد کان اڳ ميسو-آمريڪي تھذيب ۾ زاپوٽڪ تھذيب ترقي ۾ اڳڀري ھئي. قديم زاپوٽڪ تھذيب موجوده واھاڪا شھر (Oaxaca City ) لڳ جبل مائونٽ البان جي ڀر ۾ واقع ھئي. [2]. ان تھذيب م پھريون ڀيرو ميسوآمريڪي صورتخطي ۾ لکڻ جي شروعات ٿي ۽ 52 سالن وارو ڪيلينڊر پڻ ٺاھيو ويو جيڪو بعد ۾ ٻين گروھن پڻ اختيار ڪيو[2]. موجوده دؤر ۾ زاپوٽڪ ماڻھن جو سماجي وڏي پيماني تي زرعي آھي ۽ آھستي آھستي تبديلي طرف وڌي رهيو آهي[2]. ھنر م گھڻي ڀاڱي ٺڪر جي ٿانون ۽ ڪتڻ وارا ھنر رواج ۾ آھن[2]. ھي ماڻھو رومن ڪيٿولڪ مذهب کي مڃيندا آھن تنھن ھوندي بہ اھي بد روحن ۽ ڏندڪٿائن ۾ يقين رکندڙ آھن[2].