![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/2/28/Campagna_africana_di_Scipione_202_aC.png/640px-Campagna_africana_di_Scipione_202_aC.png&w=640&q=50)
زاما واري جنگ
From Wikipedia, the free encyclopedia
زاما واري جنگ يا جنگ زاما (انگريزي: Battle of Zama ) موجوده تيونس جي سليانه گورنري جي ھڪ مقام زوما يو زومه ۾ 202 ق م ۾ لڳل ھڪ لڙائي جيڪا ڪارٿيج ۽ رومن ايمپائر وچ ۾ لڳي جنھن سان پيونڪ جنگن جي ٻئين دور جو انت ٿيو. تاريخ م پيونڪ جنگون ڪارٿيج جي ايمپائر ۽ رومن ايمپائر وچ ۾ لڳيون ھيون. زوما واري جنگ م ھنيبال کي شڪست آئي ھئي. انسائڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق ھن جنگ ۾ رومي اسڪپيئو آفريڪي جي ڪمان ۾ وڙھيا ۽ مخالف ڪارٿيج جي فوج جي ڪمان ڪندڙ ھنيبال ھيو[4]. رومي ڪارٿيج طرف جڏھن پيشقدمي ڪري آيا تہ ان وقت ھنيبال اٽلي ۾ ھيو ۽ پنھنجي شھر ڪارٿيج کي بچائڻ لاءِ اٽلي کان ڪارٿيج (موجوده تيونس) موٽي آيو[4]. ان وقت نوميڊيائي بادشاھت جو لشڪر بادشاھ ماسينيسا جي ڪمان م اچي رومي فوج سان ملي ويو جنھن سان رومين جي ھنيبال جي فوج تي برتري ٿي وئي . جنگ ۾ ھنيبال ھارائي ويو[4].
زاما واري جنگ | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
سلسلو پيونڪ جنگن جو ٻيون دور | |||||||
![]() جنگ کان اڳ مخالف فوجن جون پيشقديون | |||||||
| |||||||
شريڪ جنگ | |||||||
= ![]() نوميڊيائي بادشاھت |
![]() | ||||||
سپهہ سالار ۽ رهنما | |||||||
![]() نوميڊيائي بادشاھت جو پھريون بادشاھماسينيسا ![]() | ھنيبال | ||||||
طاقت | |||||||
35,100 ماڻھو 29000 پيادا 6100 سوار[1] |
40000 ماڻھو 36000 پيادا 4000 سوار 80 ھاٿي[1] | ||||||
نقصان | |||||||
4,000–5,000 1,500–2,500 رومن مارجي ويا 2,500+ نوميڊيائي مارجي ويا[2] |
33,500–40,000 پوليبيائي ۽ ليوي:
اپيائي: [3]
|