ريٽا شهاڻي
From Wikipedia, the free encyclopedia
From Wikipedia, the free encyclopedia
ريٽا شهاڻي (انگريزي:Rita Shahani) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙسنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ هئي جنهن جا ڪيترائي ئي ڪتاب ڇپيل آهن.
ريٽا شهاڻي جو حيدرآباد سنڌ ۾ 24 آگسٽ 1934ع تي هڪ تعليم يافته خاندان جي فرد عالمچند اُڌارام جي گھر ۾ جنم ٿيو، جيڪو مشهور عالم منگهارام اڌارام ملڪاڻيءَ جو ڀاءُ هو.[1]
ريٽا شهاڻي سنڌي ادب جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. هن ڪويتا، ناول، ڪهاڻي، مضمون، تنقيد، سوانح، آتم ڪٿا ۽ سفرنامي تي ڪاميابيءَ سان قلم هلايو آهي. ريٽا شهاڻيءَ جا موضوع نهايت وسيع آهن،
(1) پنک وڄائين شنک‘ (شاعري: 1982ع)، (2) ’منهنجي حد آڪـاش‘ (شاعري: 1984ع)، (3) ’ڀنڀرڪي جي ڀُـڻ ڀُـڻ‘ (ناول: 1985ع)، (4) ’کٿوريءَ جي کاڻ‘ (سفرنامو: 1986ع)، (5) ’گيت رامايڻ‘ (مرهٽي گيت-رامائڻ جو سنڌي منظوم ترجمو: 1987ع)، (6) ’سوريه ياترا‘ (شاعري: 1987ع)، (7) ’منع ٿيل ميوو‘ (ڪهاڻيون: 1988ع)، (8) ’سج کان چنڊ تائين‘ (ناول: 1989ع)، (9) ’سڄاڻ جون سمرتيون‘ (منگھارام ملڪاڻيءَ جي سوانح: 1990ع)، (10) ’پرهه جا پياڪ‘ (ناول: 1991ع)، (11) ’پچڻ کي پچاءِ‘ (ڪهاڻيون: 1992ع)، (12) ’گھنڊ ڄاڻ وڳو‘ (آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون: 1993ع)، (13) ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا: (ڀاڱو ٻيو: 1994ع)، (14) ’ڇُهي مُئي‘ (ناول: 1995ع)، (15) ’ارٽ جو آواز‘ (شاعري: 1996ع)، (16) ’ببليءَ جون آکاڻيون‘ (ٻاراڻو ادب: 1996ع)، (17) لپ ڀر مهراڻ‘ (ادبي مضمون: 1997ع)، (18) ’سوال ئي سوال‘ (ڪهاڻيون: 1998ع)، (19) ’يرودا جيل جون ڪهاڻيون‘ (سوانح: 2000ع) (20) ’جيون ۽ ساهت‘ (ادبي مضمون: 2001ع)، (21) گونگي گگن سان گفتگو (ناول: 2001ع)، (22) ’ميران ٻائيءَ سان وارتا لاپ‘ (مڪالماتي گفتگو: 2002ع)، (23) ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ (سفرنامو: 2003ع)، (24) ’ترڪڻا ترورا‘ (ناول: 2004ع)، (25) ٻيپهريءَ جا ٻه پل (آتم ڪٿا: ٻئي ڀاڱا گڏ، سنڌ ۾ ڇپيل، 2004ع)، (26) ’رشتن جو رقص‘ (ڪهاڻيون: 2008ع)، (27) ’ست سر، ست رنگ‘ (ناول: 2008ع)، (28) ’اڪٿ ڪهاڻي ڪبير‘ (سوانح: 2008ع)، (29) ’جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ‘ (دادا جشن جي سوانح: 2008ع)، (30) ’سفر در سفر‘ (سفرنامو: 2010ع)، (31) ’بي زبان زبان‘ (ناول: 2010ع)، (32) ’روبرو‘ (سوانح: 2012ع)، (33) آڪاس- گنگا (خاڪا: 2013ع) (34) چار هندي ڪتاب ۽ ٻن انگريزي ڪتاب[2]
ريٽا شهاڻي 15 سيپٽمبر 2013ع تي پوني ڀارت ۾ ديهانت ڪري وئي.[3]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.