رنوير سنگھ
ھندوستاني فلم اداڪار / From Wikipedia, the free encyclopedia
رنوير سِنگھ ڀاوناڻي (انگريزي: Ranveer Singh Bhavnani)، پيدائش 06 جولاءِ 1985ع[1]، ھندي فلمن ۾ ڪم ڪندڙ ھندوستاني اداڪار آھي. ھن چئن فلم فيئر ايوارڊن سميت ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا آھن. کيس ھندوستان جي مُھانگن ترين اداڪاران ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ھي فوربز انڊيا جي 100 شخصيتن ۾ 2012ع کان شامل ٿيندو رھيو آھي.