![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/ee/Russell_Crowe.jpg/640px-Russell_Crowe.jpg&w=640&q=50)
رسل ڪرو
نيوز لينڊ ڄاو۶ اداڪار، فلم پروڊيوسر ۽ موسيقار / From Wikipedia, the free encyclopedia
رسل ارا ڪرو(انگريزي: Russell Ira Crowe)7 جنوري 1964 ۾ نيوزيلينڊ جي شھر ويلنگٽن ۾ پيدا ٿيو پر ھن پنھنجي زندگي جو وڏو حصو آسٽريليا ۾ گذاريو آهي [1]ھن کي 2000 ۾ ھدايتڪار رڊلي اسڪاٽ مشھور فلم گليڊيئيٽر ۾ رومن جنرل ميڪسيمس جو ڪردار ادا ڪرڻ تي بين الاقوامي شھرت ملي جنھن تي کيس بھترين اداڪار ھجڻ جو اڪيڊمي ايوارڊ، بھترين اداڪاري لاء براڊڪاسٽ فلم ڪرٽڪس ايسوسيئيشن ايوارڊ ، بھترين اداڪاري لاءايمپائر ايوارڊ ۽ بھترين اداڪاري تيلنڊن فلم ڪرٽڪس سرڪل ايوارڊ مليو ان کان علاوه ڏھ ٻين بھترين اداڪاري جي ايوارڊن لاءِ سندس چونڊ ٿي .1999 ۾ ڪرو فلم دي انسائيڊر ۾ ڪم ڪرڻ تي بھترين اداڪار ھجڻ جا پنج ايوارڊ حاصل ڪيا ان کان علاوه ست بھترين اداڪاري جي ٻين ايوارڊن لاءِ بہ سندس چونڊ ٿي. 2001 ۾ ھن فلم بيوٽي فل مائينڊ م ھڪ نوبل انعام يافتہ جان ايف نيش جو ڪردار ادا ڪيو جنھن لاء بہ کيس کوڙ ايوارڊ مليا جن م بافتا ايوارڊ، گولڊن گلوب ايوارڊ ، اسڪرين ايڪٽرس گلڊ ايوارڊ پڻ شامل آهن.ھاليووڊ جي فلم انڊسٽري ۾ رسل ڪرو جو مقام ايئن آھي جيئن بالي ووڊ ۾ عامر خان جو.