![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/6/62/Islamic_Campaign_to_Sindh_in_39_H.png/640px-Islamic_Campaign_to_Sindh_in_39_H.png&w=640&q=50)
راءِ گهراڻو
سنڌ تي عربن کان اڳ حڪومت ڪندڙ گھراڻو / From Wikipedia, the free encyclopedia
اسلام کان اڳ جن گهراڻن سنڌ تي حڪمراني ڪئي هئي ۔ انهن ۾ هڪ راء گهراڻو پڻ آهي ۔ هن گهراڻي جو مذهب ٻڌمت هو ۔ سندن دؤر سنڌ ۾ امن ، خوشحالي ۽ ترقيَ جو دؤر هو ۔ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته ، ”پنجين صديءَ جي پڇاڙي کان ستين صدي جي شروعات تائين سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جا راجائون هئا. اُهي اولشودر هئا پوءِ برهمڻي ڌرم کي مڃڻ لڳا ته برهمڻن سندن شڌي ڪري کتري بنايو. اهي اگني ڪل مان پيدا ٿيا، جنهن ڪري اگني ڪل مان پيدا ٿيل کتري راجپوت سڏجڻ۾ آيا. ان کان ٿورا ورهيه اڳ چيني سياح هوان شيانگ 640ع ۾ هندستان ۾ اچڻ وقت، راءِ سهاسي ٻئي جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيو هو. هن پنهنجي سفرنامي ۾ جھاڻايو آهي ته ”سنڌ جو راجا شودر هو.“[1][2].
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/6/62/Islamic_Campaign_to_Sindh_in_39_H.png/640px-Islamic_Campaign_to_Sindh_in_39_H.png)