![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/0/08/Hairan_Haiderzai_Mound_Duki_District.jpg/640px-Hairan_Haiderzai_Mound_Duki_District.jpg&w=640&q=50)
دڪي ضلعو
From Wikipedia, the free encyclopedia
دڪي ضلعو پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو هڪ ضلعو آهي۔ [1] اهو سمنڊ جي سطح کان 1,092 ميٽر (3585 فوٽ) جي اوچائي تي واقع آهي۔ [2] ان کي يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو ويو آهي، خاص ڪري ويالا دڪي، زنگل رباط، صدر، سول اسٽيشن، نصرآباد، ٺل-چوٽيالي، لوني ۽ نانا صاحب زيارت۔ ان جي مکيه آمدني زراعت ۽ قدرتي وسيلن مان اچي ٿي۔ قبائلي سماج هجڻ جي ڪري هن ۾ قبيلا آهن: ترين جن ۾ رئيساڻي ڪڪڙ (شادوزئي)، لوني، زرڪون ۽ ناصر وغيره شامل آهن، دڪي پاڪستان جي گهٽ ترقي يافته ضلعن مان هڪ آهي، جيڪو ترقي، صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين ڪيترين ئي سهولتن ۾ پوئتي پيل آهي۔ هي واحد ضلعو آهي جتي سال 2018ع ۾ پوليو جا ٻه ڪيس رپورٽ ٿيا۔ دڪي کي سال 2016ع ۾ ضلعو بڻايو ويو ۽ ان جي سب ڊويزنن ۾ ٺل۔چوٽيالي، نانا صاحب زيارت ۽ لوني شامل آهن۔
ضلعو دڪي ضلع دوکی دوکي ولسوالۍ دوکی دمگ | |
---|---|
ضلعو | |
![]() حیران حیدرزئي دڑو | |
![]() Map of Balochistan with Duki District highlighted | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | ![]() |
دویزن | لورالائي دویزن |
قائم تیو | 2016ء |
صدر مقام | Duki |
حڪومت | |
• قسم | ضلعي انتظاميا |
• ڊپٽي ڪميشنر | N/A |
• ضلعي پوليس آفيسر (ڊي ايس پي) | N/A |
پکيڙ | |
• ڪل | 4,233 ڪ.م2 (1,634 ميل2) |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 152,977 |
دڪي سال 2017ع تائين لورالائي ضلعي جو حصو هو۔ سال 2017ع ۾ دڪي کي الڳ ضلعو قرار ڏنو ويو۔ ڪل 19 يونين ڪائونسلون آهن۔ ضلعي حڪومت ۾ ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي پي او، تحصيلدار شامل آھن۔ ان کان سواءِ بلدیاتي ادارن جي چونڊن کان پوءِ ضلعي ڪائونسل ۽ ميونسپل ڪميٽيءَ جو چيئرمين به ضلعي ۾ عوامي سهولتن جي فراهمي ۾ حصو وٺندو آهي۔