خیرپور (شاهي ریاست)
برطانوي راڄ ۽ پاڪستان جي ھڪ اڳوڻي نوابي رياست، 1955ع ۾ ختم ڪيل / From Wikipedia, the free encyclopedia
خيرپور رياست[1] هاڻي پاڪستان جو حصو سنڌو درياھ جي کاٻي ڪناري هڪ نوابي رياست هئي۔ آڪٽوبر 1955ع ۾ هڪ معاهدي تحت رياست خيرپور کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو[2]. هن رياست جو آخري حڪمران مير جارج علي مراد خان ٽالپر هو. هي رياست هاڻي پاڪستان جو حصو آهي ۽ جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ صوبي ۾ واقع آهي. انتظامي طور اهو هاڻي هڪ ضلعو آهي.