خچر
From Wikipedia, the free encyclopedia
From Wikipedia, the free encyclopedia
خچر: نالا: ع. ابواشجع، ف. استر، هه. وغيره___ بابو، پيرو، ۽ بزدون .گهوڙي جي قسم جو هڪ جانور، جيڪو گهوڙي کان قد ۾ ننڍو ٿيندو آهي. ھي جانورن جو ڪو علحده نسل ناھي پر گڏھ ۽ گھوڙي جي جنسن جي ميلاپ مان مادہ ڳڏھ يا ماده گھوڙيء مان ورتو ويندو آھي..[1] گڏھ ۽ گھوڙو جڏھن پاڻ ۾ لڳ ڪندا آهن تہ خچر پيدا ٿيندو آهي.خچر ۾ پنھنجي ذات پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ناھي.[2] خچر ۾ پنھنجي پيءُ ماءُ جون سڀ خوبيون موجود ھونديون آھن.منجھس گڏھ جي اورچائي، صبر ۽ پيرن جي پختائي، گھوڙي جي طاقت،قدبت ۽ تيزي موجود ھوندي آھي. جتي گھوڙو ڪم نه ڪري سگھي يا جتي تمام گھڻي گرمي ھجي اتي خچر ڪم ڏئي سگھي ٿو.[3] خچر گڏھ (نر) ۽ گھوڙيء جو اولاد آھي.گڏھ (مادي) ۽ گھوڙي (نر) جو اولاد خچر کان بلڪل جدا قسم جو ٿئي ٿو.اھو گھوڙي وانگر ھڻڪاريندو آهي ۽ گڏھ يا خچر وانگر ڪڏهن بہ ھينگندو ناھي.ان جي بدني بناوٽ گھوڙي سان گھڻي قدر مشابھت رکي ٿي.ھو خچر کان ننڍو ٿيندو آهي ۽ تمام ٿوري تعداد ۾ اسپين ۽ دنيا جي ٻين ٿورن ڀاڱن ۾ ملي ٿو.[4]
خچر | |
---|---|
پالتو | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Synapsida |
جنس: | ا. ايسينس? × ا. ڪبالس? |
هم معنيٰ | |
ايڪوئس ملوس |
اثر: گرم خشڪ 3، _______________-، وزن: قدر موافق.
خاصيت: هن جو گوشت، سنڌن جي پراڻي سور ۽ عرق النسا لاءِ مفيد آهي، هن جي چرٻي نقرس جي سور، عضون جي سيٽجڻ، ٻنڌين جي ڍرائي، ڪم طاقت ۽ سور وارين جاين تي مالش ڪرائجي ته فائدو ٿيندو. هن جي چرٻي ۽ کر ساڙي حمل واري عورت کي دونهون ڏجي ته ٻار ڪري پوندو..[1]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.