خواجا محمد آصف
پاڪستاني سياستدان / From Wikipedia, the free encyclopedia
خواجا محمد آصف يا خواجا آصف (انگريزي ٻولي: Khawaja Muhammad Asif، پيدائش: 9 آگسٽ 1949ع)، پاڪستاني سياستدان آهي، جيڪو عباسي ڪابينا ۾ آگسٽ 2017ع کان اپريل 2018ع تائين پرڏيهي معاملن جو ويز رهي چڪو آهي. خواجا آصف جو تعلق پاڪستان مسلم ليگ نواز سان آهي، هي نواز شريف جي ٽئين حڪومتي دور ۾ پاڪستان جو دفاعي، پاڻي ۽ بجلي جو وزير رهي چڪو آهي.
خواجا محمد آصف Khawaja Muhammad Asif | |
---|---|
خواجه محمد آصف (2015) | |
وزير خارجه | |
عهدو سنڀاليو 4 آگسٽ 2017 – 26 اپريل 2018 | |
صدر | ممنون حسين |
وزير اعظم | شاهد خاقان عباسي |
پيشرو | سرتاج عزير (خارجي معاملن تي وزيراعظم جي صلاحڪار طور) |
جانشين | خرم دستگير خان |
وزيرِ دفاع | |
عهدو سنڀاليو 27 نومبر 2013 – 28 جولاءِ 2017 | |
صدر | ممنون حسين |
وزير اعظم | نواز شريف |
پيشرو | نويد قمر |
جانشين | خرم دستگير خان |
پاڻي ۽ بجلي جو ويز | |
عهدو سنڀاليو 7 جون 2013 – 28 جولاءِ 2017 | |
صدر | ممنون حسين |
وزير اعظم | نواز شريف |
پيشرو | احمد مختار |
جانشين | سيد جاويد علي شاهه (پاڻي وسيلن جي وزير طور) شاهد خاقان عباسي (توانائي جي ويز طور) |
وزير پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلا | |
عهدو سنڀاليو 31 مارچ 2008 – 13 مئي 2008 | |
صدر | پرويز مشرف |
وزير اعظم | يوسف رضا گيلاني |
جانشين | عاصم حسين |
راندين جو وزير | |
عهدو سنڀاليو 31 مارچ 2008 – 13 مئي 2008 | |
صدر | پرويز مشرف |
وزير اعظم | يوسف رضا گيلاني |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | آگسٽ 1949 (عمر 74 سال) سيالڪوٽ، پنجاب، پاڪستان |
قوميت | پاڪستاني |
سياسي جماعت | پاڪستان مسلم ليگ (ن) |
جيون ساٿي | مسرت آصف خواجا (زال)[1] |
ماءُپيءُ | خواجا محمد صفدر (والد) |
مادر علمي | پنجاب يونيورسٽي، لاهور |
خواجا آصف سياست جي شروعات، 1991ع ۾ نواز شريف جي پهرين حڪومتي دور کان ڪئي، جڏهن هو سينٽ جو رُڪن چونڊيو ويو. 1997ع کان هي وفاقي ڪابينا جو حصو رهندو آيو آهي، نواز شريف جي ٻين حڪومتي دور ۾، 1997ع کان 1999ع تائين هي پاڪستان جي نجيڪاري واري ڪميشن جو چيئرمين رهيو، عارضي طور هن 2008ع ۾ گيلاني جي ڪابينا ۾ وزارت پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلا (پاڪستان) جو وزير رهيو، ان دور ۾ هن وٽ راندين واري وزارت پڻ هئي.
خواجا آصف 1993ع کان 1999ع ۽ 2002ع کان 2018ع تائين پاڪستان جي قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو آهي.