خدا آباد (ثاني)
From Wikipedia, the free encyclopedia
خدا آباد (ثاني) يا خداآباد نئون(انگريزي: Khuda abad (New)) ڪافي تاريخدان خدا آباد ثاني شهر جو پايو وجهڻ جي پڳ ميان سرفراز ڪلهوڙي تي رکن ٿا. ڪجهه محقق وري ان راءِ سان متفق نه آهن. انهن جو خيال آهي ته ان شهر جو بنياد نور محمد ڪلهوڙي رکيو[1]. ڪن هنڌن تي خدا آباد جو باني ميان مرادياب کي بڻايو ويو آهي. ڪي ڄاڻو هن شهر کي خدا آباد ثالث لکن ٿا[1]. تاريخ جي اڪثر ماهرن جو رايو آهي ته ميان سرفراز 1188ھ- ڊسمبر 1774ع ۾ هن شهر کي پنهنجو تختگاهه بڻايو. ميان سرفراز جي ڏينهن ۾ ڪلهوڙا حڪومت سُٺو نالو ڪمايو. ساڳئي وقت هن جي ڏينهن ۾ ئي ڪلهوڙا خاندان جي وچ ۾ ويڙهه شروع ٿي. نتيجي ۾ ڪلهوڙن پنهنجو تخت وڃايو[1]. سنڌ جا حاڪم ٽالپر ٿيا. دين محمد وفائي جو خيال آهي، ته خدا آباد جو بنياد ميان نور محمد ڪلهوڙي وڌو هو، ھن ’لُطف اللطيف‘ جي اٺين باب ۾ ذڪر ڪيو آهي ته: ميان نور محمد ڪلهوڙي هالن لڳ نئين خدا آباد وسائي[1]. ڊاڪٽر گربخشاڻي به هڪ خدا آباد جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ته خدا آباد ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙو حڪومت ڪندو هو. پر هن ڪٿي به ان خدا آباد جي جاگرافيائي هنڌ جو ذڪر نه ڪيو آهي. هو لکي ٿو: شاهه جو ٽيون دشمن ميان نور محمد ڪلهوڙو (1718ع – 1755ع) هو، جيڪو سنڌ جو حاڪم ۽ ڪلهوڙن جو مهندار هو. ڪلهوڙا تن ڏينهن ۾ وڏي اوج تي رسيل هئا. منجهن پيري مريدي ٻئي هيون. سندن گادي جو هنڌ خدا آباد هو، جيڪو تڏهن عاليشان شهر ليکبو هو[1].
نئون خداآباد خداآباد ثاني | |
---|---|
تاريخي ماڳ | |
جاگرافي بيهڪ: 25°50′11″N 68°23′12″E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ڊويزن | حيدرآباد ڊويزن |
ضلعو | مٽياري ضلعو |
مقامي وقت | پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5) |
ڀيرومل مهرچند ان شهر کي خدا آباد نئين سڏيندي لکيو آهي ته؛ خدا آباد جو شهر نون هالن کان ڏيڍ ميل پنڌ تي آهي ۽ ٽنڊي آدم جي اسٽيشن کان ساڍا اٺ ڪوهه کن پري آهي. هي شهر ميان سرفراز خان ڪلهوڙي 1774ع ڌاري ٻڌايو هو[1]. انهيءَ کان اڳ ڪلهوڙن جو تختگاهه دادو وارو خدا آباد جو شهر هو . علي محمد سيال، عطر خان ولد ميان نور محمد خان جي ڪتاب ”نگيران سنڌ“ ۾ ھيٺين اقتباس جو ذڪر ڪيو آهي:
چون پدرم بزرگوار خيال کرد که پکي ميانوالي نزده موريا (موره) تعمير کنند، شيخ نجيب الدين کبير ۽ افرمود که برو ولنو خدا آباد نزديکه مخدومان ما هاله کنده تعمير کنند که آن بهتر باشده. انهيءَ مان هي مطلب نڪري ٿو ته: شيخ نجيب الدين ڪبير منهنجي والد بزرگوار کي حُڪم ڏنو ته هالا ڪنڊيءَ جي ڀرسان نئون خدا آباد وڃي اَڏ.[1]
خدا آباد ثاني کي تخت گاھ بنائيندڙ سرفراز ڪلھوڙو ئي هو. اھڙي ڪابہ ثابتي نہ ملي آھي تہ: هن خدا آباد شهر وٽ ميان سرفراز ڪلهوڙي جي تختگاھ بنائڻ کان پھريائين به ڪا وسندي آباد هئي، ڇو ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ به هن شھر جو ذڪر مائي گلان جي حوالي سان ملي ٿو. ميان نورمحمد جي وفات 1753ع ۾ ٿي آهي. جيئن ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، نور محمد ڪلهوڙي ۽ مائي گلان جو پُٽ هو. ميان غلام شاهه 1153ھ- 1740ع ۾ يرغمال ٿي پنهنجن ڀائرن سميت نادر شاهه سان ايران ويو، جتي اٺ سال گذاري 1163ھ (1749ع) ۾ واپس وريو[1]. ميان نور محمد جي وفات بعد ميان غلام شاهه 1762ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ 1772ع ۾ وفات ڪيائين. اهڙيءَ طرح رڳو غلام شاهه جو ايران وڃڻ ۽ مرڻ وارو عرصو ٻٽيهه سال بيهي ٿو[1]. جيئن ته خدا آباد شهر جو بنياد غلام شاهه جي مرڻ کان ٻه سال پوءِ 1774ع ۾ رکيو ويو، جنهن ڪري غلام شاهه جو ايران وڃڻ ۽ خدا آباد جو تختگاهه بنجڻ وارو عرصو چوٽيهه سال بيهي ٿو. ان مهل تائين مائي گلان جيڪڏهن جيئري هجي ها ته اها پيريءَ ۾ پير پائي چُڪي هجي ها[1]. گلان کي ايتري وڏي عمر ۾ خدا آباد تخت بنجڻ يعني 1774ع کان پوءِ اُتي ڪوٽ ٺهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. ان مان لڳي ٿو ته هتي اڳ ئي ڪو شهر آباد هو. مائي گلان ان کي سرفراز ڪلهوڙي جي تخت گاهه بنائڻ کان اڳيئي ڪوٽ جوڙايو ويٺي هئي.هونئن به ارضيات جا ماهر هن علائقي کي سترهين صدي جي شروعات کان وٺي زرخيز ۽ آبادي وارو سڏين ٿا. ارضيات جا ماهر 1550ع کان وٺي 1700ع کي ٿڌ وارو زمانو چون ٿا. ان دور ۾ هماليه جبل تي برف ڳرڻ ۾ رڳو پندرهن کان ٽيهه ڏينهن دير ٿي وئي. تنهنڪري درياهن ۾ پاڻي گهٽجي ويو[1]. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[2] “ ارضيات جي ڄاڻن جي ان راءِ مان ظاهر آهي ته ان دور ۾ درياهه سنڌ ۾ گهڻي پاڻي جي موجودگيءَ ڪري سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ اناج ٻيڻو ٿي ويو. ساڳئي وقت ان عرصي دوران سنڌ جي آدمشماري به ٻيڻي ٿي وئي. جنهن ڪري ڪلهوڙن کي نوان شهر آباد ڪرڻا پيا. جنهن ۾ خدا آباد نيئن به شامل آهي. هاڻوڪي وقت ۾ به هالن جي ڀرسان خدا آباد ثاني شهر جا ڦٽوڙا ڪوٽ جا آثار ۽ قبرون خدا آباد جي تاريخي اهميت ٻڌائين ٿيون. ان تاريخي شهر جي باقي بچيل آثارن جي باري ۾ مختلف محققن پنهنجو اظهار هن ريت ڪيو آهي[1].