محمد (صلعم) جي چوڻين ۽ تعليمن جا ميڙ From Wikipedia, the free encyclopedia
حديث ____(Hadith)
اسلامي تعليمات ۾ قرآن شريف کان پوءِ حديث کي وڏي اهميت حاصل آهي. حديث حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي روايتن ، چوڻين ۽ عملن کي چيو ويندو آهي. حضور اڪرم حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جو هر عمل۽ لفظ ۽ قول حديث آهي. حديث جي ڪتابن ۾ صحيح مسلم، صحيح بخاري مشهور ڪتاب آهن.[1] حديث اسلام جو بنيادي جز آهي, جنهن کانسواءِ قرآن مجيد جي تشريع نٿي ٿي سگهي، هر اهو قول جيڪو حضرت محمد ﷺ فرمايو ان کي حديث چيو ويندو آهي. حديث جي لفظي معنيٰ خبر ، ڳالهه، يا گفتگو آهي، اصطلاحي معنيٰ اٿس اها خبر جنهن ۾ فعل، تقرير يا صنف بيان ڪيل هجي. اهڙي طرح جنهن ۾ فعل بيان ٿيل هوندو آهي، تنهن کي حديث قولي (Qaul) ۽ جنهن ۾ فعل بيان ٿيل هوندو آيه، تنهن کي فعلي (Fi,l) ۽ جنهن ۾ تقرير جو ذڪر هوندو آهي، انهي کي حديث تقريري (Tiger) چيو ويندو آهي.[2] ”حديث لاءِ خبر جو لفظ نه ڪم اچي ٿو، ليڪن خبر وسيع تر لفظ آهي ۽ حديث کان سواءِ تاريخ لاءِ به ڪم اچي ٿو[3] . مولانا سيد مناظر حسن گيلاني”تدوين حديث“ ۾ تاريخ ۽ حديث جو فرق هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: ”اسان وٽ هن وقت تاريخ جو جيڪو عام ذخيرو آهي عموماً انهي جو تعلق ڪنهن قوم جي حڪومت، ڪنهن عظيم الشان جنگ، الغرض ته انهي قسم جي منتشر ۽ گوناگون چيزن سان آهي جن جو ، احاطه (Surrounding) آسان نه آهي. برخلاف انهيءَ جي حديث انهي تاريخ جو نالو آهي، جنهن جو تعلق براه راست هڪ خاص شخصي وجود يعني سرور ڪائنات ﷺ جي ذات اقاس سان آهي، هن ۾ هڪ قوم، هڪ ملڪ، هڪ حڪومت، هڪ جنگ جي تمام اطرافن ۽ طرن کي صحيح طور تي سميٽي بيان ڪرڻ هڪ طرف آهي، ته بئي طرف ملڪ نه، ملڪ جي ڪا خاص قوم نه، ڪنهن قوم جو ڪو قبيلونه، ڪنهن قبيلي جو ڪو رهندڙ نه، بلڪ صرف هڪواحد بسيط شخص جي زندگي جا وقاعا بيان ڪرڻ آهي. انهي جو خود اندازو ڪجي ته انهي جي حد ۽ تدوين جي اعتبار کان ٻنهي جي ڏکاين ۽ سولاين ۾ نسبت آهي؟ پهرئين صورت ۾ ڪوتاهين، غلط فهميز، غلطين جو جيترو قوي انديشو آهي، يقينن انهي نسبت سان ٻيءَ صورت ۾ صحت ۽ واقعيت جي ايتري قدر عقلا توقع ڪري سگهجي ٿي؟“[4] ”ٻيو امتياز جو پهرئين کان تمام وڌيڪ آهي، سو آهي محمد ﷺ ۽ سندس مورخن يعني صحابه ڪرام جو باهمي تعلق. بلاشبه هن وقت اسان جي اڳيان مختلف قومن ۽ ملڪن، سلاطين ۽ حڪومتن جون تاريخون آهن. ليڪن جن مورخن جي رستي اهي تاريخون اسان تائين پهتيون آهن، ڇا انهن مان ڪنهن تاريخ جو پنهنجي مورخ يا مورخن سان اهوئي تعلق هو جو حضور ﷺ کي اصحابه ڪرام سان هو. سڀ کان پهرين ته اهو مشڪل آهي ته اڄ ڪنهن اهڙي تاريخ جو ڪو حصو هجي، جنهن جو مورخ خود انهي واقعي جو عيني شاهد هجي“- مولانا سيد مناظر حسن گيلاني، ”تدوين حديث“، ص 18 . مسلمانن حديث جي صحيح تحقيق لاءِ جيڪا ڪوشش ڪئي تنهنجو پتو حديث جي گڏ ڪرڻ ۽ روايت ۽ درايت جي اصولن مان پوي ٿو، ته انهن عالمن ڪيتري نه جانفشاني سان حديث سان گڏ ڪرڻ ۾ جدوجهد ڪئي[5]. ”رسول ڪريم ﷺ جن جي ڏينهن ۾ مڪمل طرح سان حديث گڏ نه ڪئي ويئي هئي“[6] پر سندن وفات کان پوءِ جڏهن اهو محسوس ڪيو ويو ته وقت گذرڻ سان متان حديث ۾ ڪي غلط ڳالهيون شامل ته ٿي وڃن؛ تنهن ڪري حديث جي گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو.[7] ”ٻيءَ ۽ ٽينءَ صدي ۾ ڪيترائي اهڙا سياسي ۽ سماجي ادارا قائم ٿي چڪا، جن حديث تي تحقيق جو ڪم ڪيو". جن انهيءَ تحقيق سان اسلامي تاريخ جي تدوين جو بنياد پيو ۽ حديث جي روايتن جي تنقيدي پرک مسلمان عالمن جي لاءِ تحقيق [8]جو سبب بنيئ مسلمان عالمن حديث جي تحقيق لاءِ جيڪي روايت ۽ درابت جا اصول تيار ڪيا آهن، انهن تي جيترو فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي. انهن اصولن مان ڪيترا روايت جا اصول رسول ڪريم ﷺ جن جي ڏينهن ۾ مقرر ٿي چڪا هئا. ڪجهه اصول قرآن شريف ۾ به ٻڌايا ويا آهن. جيئن قرآن مجيد ۾ آهي ته: ”مسلمانو! اگر توهان وٽ ڪوبه فاسق خبر کڻي اچي ته توهين چڱي طرح انهي جي تحقيق ڪري وٺو“ [9] ”ماڻهو جي ڪوڙي هجڻ جو هيءَ دليل ڪافي آهي ته جيڪي ڪجهه ٻڌي، روايت ڪري ڇڏي“ [10] حديث جي تحقيق لاءِ عالمن وٽ ٻه ڳالهيون هونديون هيون: هڪ سند (Sanad) ٻيو متن (Matan). سند معنيٰ حوالو، تائيد يا سهارو؛ ۽ ٻيو متن معنيٰ مواد يا اهي لفظ جيڪي مطلب يان ڪن. سند روايت ڪرڻ وارن جي نالن جي سلسلي کي چيو وڃي ٿو، جنهن جو مطلب آهي ته حديث جوي روبرو ٻڌڻ واري کان روايت ڪندڙ تائين راوين جي نالن جو سلسلو بيان ڪرڻ. انهي کي روايت چيو وڃي ٿو. متن يعني اهي لفظ جيڪي حديث جي بيان ۾ چيا ويا آهن انهي کي درايت چيو وڃي ٿو. روايت حديث بيان ڪرڻ سان واسطو رکي ٿي ۽ هن جو مقصد آهي ته جيڪي بيان ڪيو وڃي، انهي جي تصديق ٿئي. هر ڪنهن حديث جي سچائي کي راوي جي ڪردار، دروغ گوئي، ڪمزور حافظي وغيره جي مدد سان پرکيو ويندو هو، ۽ اهائي ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته روايت رسول ڪريم جن کان جدا جدا مرحلن کان بيان ڪئي وڃي. روايت جي احتياط جو هي حال هو جو عالم ماڻهو ته ٺهيو پر خليفن ۽ سلاطين جون حالتون ايستائين بيان نه ڪندا هئا، جيستائين هنن وٽ آخرين راوي کان اکين ڏٺل شاهد تائين، روايت جو سلسلو موجود نه هجي؛ يعني جيڪو واقعو ورتو وڃي، اهو انهي شخص جي زباني هجي جو خود واقعي جو شريڪ رهيو هجي؛ ۽ جيڪڏهن هو خود شريڪ نه رهيو هجي، ته انهي واقعي تائين سڀني وچ وارن راوين جا نالا ترتيب وار بيان ڪيا وڃن ۽ اها به تحقيق ڪئي وڃي ته اهي ماڻهو ڪير هئا، ڪيئن هئا؟ انهن جون مشغوليون ڇا هيون؟ انهن جو ڪردار ڪهڙو هو؟ انهن جي سمجهه ڪهڙي هئي؟[11]حديثون ”لک، لک، ٻه چار لک ٻڌايون ويون آهن جن مان امام بخاري صحيح سند سان جيڪي حديثون مروي ڪيون آهن اُنهن جو تعداد 2602 (ٻه هزار ڇهه سو ٻه) آهي ۽ مسلم بخاري ۾ سوا چار هزار آهن، پر زياده تر ٻنهي جون روايتون ساڳيون آهن؛ ۽ اهڙي طرح صحيح، حسن ۽ ضعيف هر قسم جي سڀني حديثن جو ڪتابن ۾ تعداد پنجاه هزار به نه آهي“[12] . انهي مان معلوم ٿئي ٿو ته مسلمانن جي تحقيق جا اصول ڪيتري قدر سخت هئا. جن جي بناء تي ايتريون سندون ۽ روايتون رد ڪيون ويون ڪٿي ڪٿي ته جيڪڏهن ڪنهن متن ۽ سند ۾ تحقيق ڪندڙ کي ڪو شڪ پيو هن ته انهي کي رد ڪري ڇڏيو، ته جيئن حديث ۾ ڪنهن به سڪ جي گنجائش نه رهي. انهي کي صحيح تحقيق چيو وڃي ٿو. انهي تحقيقي اصولن کي ڏسندي با اسمٿ لکي ٿو ته ”ڪوبه شخص هن (سيرت نبوي) متعلق نه خودکي دوکو ڏئي سگهي ٿو، نه ٻين کي دوکو ڏئي سگهي ٿو“[13]ڪارٽر - وي. گڊ (Carter.v. Good) پنهنجي ڪتاب (The Methodology of Education Resesearch) جيڪو 19366ع ۾ لکيو، جنهن ۾ تاريخ جي تحقيقي اصولن بابت لکي ٿو ته: ”ڪنهن واقعي کي پرکڻ جي لاءِ خارجي ۽ داخلي شهادتن جي ضرورت هوندي آهي. مواد ڪٿان حاصل ٿيو؟ وري ڪير آهي؟ انهي جون ذات حالتون يعني مزاج، مذاق، ڪردار ۽ گفتار جي نوعيت ڇا هئي ۽ انهي جو تعلق، انهي واقعي سان ڪهڙو هو؟ واقعي نگاري جي نوعيت ڇا آهي؟ راوي انهي خاص واقعي کي ڪيتري عرصي کان پوءِ نقل ڪيو؟ اها روايت محفض حافظي جي بناء تي بيان ڪئي ويئي آهي يا ڪنهن ٻئي راوي انهي جي تصديق ڪئي آهي. اصل واقعو ڪيترو آهي ۽ تعريف ۽ افسانو ڪيتري قدر اهي“[14]
عرب جا ماڻهو سنت کي طريقو ڪار يا رستي جي نالي سان سڃاڻندا آهن.حضرت محمد صه جو طور ء طريقو سنت جي ضمري ۾ ايندو آهي ء حديث سان مراد حجھرت محمد صه جو چوڻ حديث آهي.
مُحَدثن جي اصطلاح موجب هر حديث کي جُدا جُدا مقام ۽ مرتبو آهي جن کي حاصل ڪري چڱيءَ طرح ڇاڻڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ اُن تي نالا رکيا ويا ۽ آخر ۾ مُحدثن ان حديثن کي گڏ ڪري مُتفقه طور تي 6 ڪتابن جي نالي سان پيش ڪري اُمت اسلاميا اڳيان آندو جيئن مُسلم قوم کي نبي سائين صلي الله عليه وسلم ڪوٺيل (شرڪ و بدعت) کان بچائي سگهجي."مُحدثن پُوري دُنيا مان حديثون گڏ ڪري هُنن کي هن ريت ڪلاسيفائيڊ ڪيو ويو آهي."[15]تحقيق ڪرڻ وقت هر ڪنهن حديث کي روايت ۽ درايت جي اصولن جي مدد سان اصطلاحي نالو ڏنو ويو ۽ حديث جا جدا جدا قسم به مقرر ڪيا ويا. اهڙي طرح تحقيق ٿيل حديثن جي سند ۽ متن جي لحاظ کان درجيبندي ڪئي ويئي، جنهن ڪري هر حديث جي اهميت انهي نالي سان ظاهر ٿيو پوي. انهيءَ مان مسلمانن جي فن تحقيق جي مهارت ظاهر ٿئي ٿي. درايت جي اصلن جي مدد سان حديث کي هيٺين قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. رواين جي تعداد جي لحاط کان حديث جا قسم هي آهن. خبر متواتر، حديث مشهور، حديث عزيز، ۽ حديث غريب، سند جي لحاظ کان حديث کي هيٺين قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. حديث متصل. حديث منقطع، حديث معضل، حديث مرسل، ۽ حديث معلق. حديث جي امتياز کي ظاهر لاءِ هيٺين قسمن ۾ ورهائي ويئي آهي. مرفوع، موقوف، ۽ قطوع. رواين جي ڪردار جي ڪري حديث کي هيٺين قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. موضوع، متروڪ، المبهم، المبتدع، منڪر، شاذ ۽ معطل. حافظي جي خامين جي لحاظ کان به حديث جا هي قسم ڪيا ويا آهن. مدرج الاسناد، مدرج المتن، مزيد في متصل الاسناد، مضطرب، مقلوب مصحب، ۽ محرب. صحت جي لحاظ کان حديث کي هيٺين قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. صحيح، صحيح لذات، صحيح لغيره، حسن ۽ ضعيف. اختلاف ۽ تائيد جي لحاظ کان حديث کي هيٺين قسمن ورهايو ويو آهي. محڪم، مختلف الحديث، ۽ ناسخ و منسوخ آخر ۾ حديث جي رد ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ جي لحاظ کان هنن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. مقبول حديث مردود، ۽ متوقف مٿي ڏيکاريل حديث جا قسم خود انهي جي گواهي آهن ته مسلمان عالمن جي نظر تحقيق اصولن تي ڪيتري قدر گهري هئي ۽ انهن جي علمي تحقيق ڪيتري بلند ۽ اعليٰ هئي جو ڪنهن به تحقيق مسئلي جي ڪنهن به پهلو ۾ خامي نه ڇڏيندا هئا. جيڪڏهن انهي ۾ ڪابه خامي رهجي ويندي هئي يا ڪابه اهڙي ڳالهه جيڪا ثابت نه ٿيندي هئي ته انهي کي اهڙو نالو ڏنو ويندو هو جنهن مان پڙهندڙ بنا ڪنهن ڪوشش جي اهو سمجهي ويندو هو ته انهي حديث ۾ ڪهڙي گهٽتائي آهي. اهڙي طرح هر حديث جي تحقيق عقلي ۽ عملي طرح ڪئي ويئي[16]
اهڙي حديث جن کي اصحاب سڳورن نبي سائين (صلعم) جن جو نالو وٺي بيان ڪيو آهي.
اهڙيون حديثون جن کي اصحاب سڳورن، نبي سائين (صلعم) جن جو نالو وٺڻ کان سواءِ بيان ڪيو يا پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو.
اهڙيون حديثون جنهن جي روايت ڪندڙ (راوي) تعداد ۾ متواتر حديث جي راوين کان گهٽ هُجن. اهڙين حديثن جا به ٽي قسم آهن.
جنهن جا راوي گهٽ ۾ گهٽ ٽي رهيا هُجن.
جنهن جا راوي گهٽ ۾ گهٽ 2 رهيا هُجن.
جنهن حديث جو راوي هڪ هُجي.
جنهن حديث جا راوي هر زماني ۾ ايترا هُجن، جن جو ڪُوڙ تي گڏ ٿيڻ ممڪن نه هُجي.
جنهن حديث جي روايت ڪندڙن (راوين) جي ايمانداري (ديانت) ۽ سچائي تسليم ٿيل هُجي. هن حديث جا به 2 قسم آهن. هڪ حسن ۽ ٻيو صحيح.
جنهن حديث جا راوي صحيح حديث جي راوين جي مُقابلي ۾ حافظي ۾ گهٽ هُجن باقي شرط اُهي هُجن.
جنهن حديث جا سڀ راوي، هر زماني ۽ هر دئور ۾ ثقه (قابل اعتماد)، پرهيزگار، قابل اعتبار حافظي جا مالڪ هُجن.
جيڪا حديث صحيح ۽ حسن جي شرطن مطابق پوري نه ايندي هُجي، جنهنجو ڪو راوي ساقط (غير مطعون (مورد الزام) هُجي. ضعيف حيثن جي به 8 حصن ۾ درجا بندي ڪيل آهي.
جنهن حديث جو هڪ يا سڀ راوي شروع واري سَنَد حذف ڪري ڇڏين ، يعني ڪيرائي ڇڏين.
جنهن حديث ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ راوي مُختلف هنڌن تي ساقط هُجن.
جنهن حديث جو راوي آخر ۾ ساقط هُجي يعني تابعي کان پوءِ صحابيءَ جو نالو نه هُجي.
جنهن حديث ۾ 2 يا ٻن کان وڌيڪ گڏ راوي سَنَد جي وچ ۾ حذف (ڪِريل) هجن.
جنهن حديث جي راويءَ جو حديث جي معاملي ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ثابت هُجي.
جنهن حديث جي راويءَ تي رُڳو ڪوڙ جي تُهمت هُجي، ليڪن حديث جي معاملي ۾ ڪوڙ ثابت نه هُجي.
جنهن حديث ۾ هڪ ثقه رواوي پاڻ کان وڌيڪ ثقه راوي ۽ ضابطي جي مخالفت ڪري.
جنهن حديث جو راوي فاسق يا بدعتي هُجي.
روايت جا هي اصول هوندا هئا.
(1) هرڪا حديث رسول ڪريم جن کان بيان ڪئي وڃي ۽ انهي جو سلسلو انهن جي نالن انهن کان ٻڌو تن جي نالن، انهن جي لقبن، اصل نسل ۽ هر ڪنهن راوي جي ڌنڌي کي چڱي طرح پرکڻ سان ڪيو وڃي.
(2) هر ڪنهن راوي جي رڪدار جي پرک ڪئي وڃي خاص ڪري هن جي سچائي ۽ صداقت کي ڏٺو وڃي.
(3) جيڪڏهن راويءَ ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪوڙ ڳالهيو ته انهي جي روايت کي رد ڪيو وڃي.
(4) جيڪڏهن راوي اعليٰ ڪردار وارو آهي پر هن جو حافظو ڪمزور آهي ته هن جي روايت کي نه اهميت ڏني وڃي.
(5) جيڪڏهن راوي ڪنهن ڏوهه جو ڏوهاري ثابت ٿيو هو يا هن ڪنهن ڳالهه ۾ ڌيان نه ڏنو هو ته انهي جي روايت کي اهميت نه ڏني وڃي.
(6) جيڪڏهن ڪنهن راوي روايت کي پنهنجي خيال يا سوچ جي مدد سان پيش ڪيو هو يا ڪنهن خاص مذهبي خيال جو هو، ته هن جي روايت کي اهميت نه ڏني وڃي.
(7) راوي اهو ضرور ظاهر ڪري ته هو اتي حاضر هو يا هن رسول ڪريم جن کان اهي لفظ پاڻ ٻڌا هئا، يا روايت جو مڪمل سلسلو بيان ڪري، جيڪو رسول ڪريم جن کان پاڻ تائين بيان ڪري.
(8) اهو به ثابت ڪيو وڃي ته هڪ راوي، جڏهن اهو بيان ٻڌو هو، تنهن وقت، هن انهي بيان کي پوري طرح بيان ڪرڻ لاءِ سمجهيو هو يا راوي جي انهي وقت ايتري عمر هئي، جو هن انهي ڳالهه کي چڱي طرح ۽ صحيح سمجهيو هو.
(9) راوي ڪنهن طرح ڄاڻ لاءِ جيڪي ياد ڪيو اهو هن چڱي طرح صحيح سمجهيو ۽ انهي کي نيڪ نيتي سان ٻين آڏو بيان ڪيو.
آخر ۾ اهي ڪتاب جن اسماءِ الرجال (Isma-ul Rigal) يعني بيان ڪندڙن جي نالن جو سلسلو، هر ڪنهن راوي جي زندگي جو مڪمل احوال ۽ انهن جي ڪردار جو مڪمل اڀياس پيش ٿيل هو، انهي کي ڪم آندو ويو، اهي ڪتاب حديث جي سچائي ثابت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيا.[17]
هر حديث جي سچائي ۽ ڪوڙ کي نه رڳو سند جي سچائي تي پرکيو ويندو هو پر حديث جي متن جي بيان کي به ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ عقل جي ڪسوٽي تي پرکيو ويندو هو. جن اصولن تي متن کي پرکيو ويندو هو تن کي درايت جا اصول چيو وڃي ٿو. درايت لفظ جي معنيٰ آهي مقبوليت، درستي يا مناسبت ۽ اصطلاح ۾ درايت جي معنيٰ آهي متن تي تحقيقي نظر وجهڻ، ته انهي ۾ ڪا خرابي يا عيب ته داخل نه آهي. درايت جا اصول انهي ڳالهه جي جانچڻ ۾ مدد ڪندا آهن ته حديث ۾ بيان ٿيل لفظ يعني متن ۾ آندل لفظ رسول ڪريم جن جا بيان ڪيل لفظ آهن، يا ٿي سگهن ٿا، يا نه؟ ۽ اُهي لفظ اخلاقي اصولن، انصاف ۽ برابري جي اصولن تي پورا آهن يا نه؟ درايت جا اصول جن تي متن کي پرکيو وڃي ٿو اهي هي آهن. 1- روايت نص قرآني جي خلاف نه هجي. 2- روايت سنت متواتره جي خلاف نه هجي. 3- روايت صحابه ڪرام جي اجماع قطعي جي مخالف نه هجي. 4- روايت عقل جي خلاف نه هجي. 5- روايت اصول مسلم جي خلاف نه هجي. 6- روايت محسوسات ۽ مشاهدن جي خلاف نه هجي. 7- روايت، جنهن ۾ معمولي ڳالهه تي سخت عذاب جي ڌمڪي هجي، اعتبار جي قابل نه هوندي. 8- روايت، جنهن ۾ معمولي ڪم تي وڏي انعام جو واعدو هجي، اعتبار جي قابل نه هوندي. 9- روايت رڪيڪ المنيٰ نه هجي. 10- روايت صحيح ۽ مقبول حديث جي منافي نه هجي. 11- روايت قواعد عربيه جي خلاف نه هجي. 12- روايت، جيڪا واقعي جي خلاف هجي، قبول نه ڪئي ويندي. 13 روايت جيڪا انبيا عليہ السلام جي ڪلام سان مشابهت نه رکندي هجي، قبول نه ڪئي ويندي. 14- روايت جنهن ۾ آئينده واقعن جون پيشنگويون يا باقاعدي تاريخ مذڪور هجي، قبول نه ڪئي ويندي، وغيره. انهي کان سواءِ تحقيق ڪرڻ وقت هر ڪنهن حديث کي روايت ۽ درايت جي اصولن جي مدد سان اصطلاحي نالو ڏنو ويو ۽ حديث جا جدا جدا قسم به مقرر ڪيا ويا. اهڙي طرح تحقيق ٿيل حديثن جي سند ۽ متن جي لحاظ کان درجيبندي ڪئي ويئي، جنهن ڪري هر حديث جي اهميت انهي نالي سان ظاهر ٿيو پوي. انهيءَ مان مسلمانن جي فن تحقيق جي مهارت ظاهر ٿئي ٿي.[18]
حديث سڳوري ۾ آهي ته رسول الله ﷺجن فرمايو:
عجبت من قضاء اللہ عزوجل للمؤمن ان اصابہ خیر حمد ربہ و شکر وان اصابتہ مصیبۃ حمد ربہ و صبر المومن یوجر فی کل شئ۔ (مسند الامام احمد بن حنبل 1-137)
”يعني مؤمن جي معاملي ۾ الله جو فيصلو ڪيڏو نه عجيب آهي. جڏهن کيس ڀلائي ملي ٿي ته ساراهه ڪندو آهي ۽ شڪر ڪندو آهي ۽ جڏهن مٿس ڪا مصيبت ڪڙڪندي آهي ته به اهو ساراهه ڪندو آهي ۽ صبر ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح مؤمن کي هرشيءِ ۾ اجر ملندو رهندو آهي.“
حديث قدسي آهي، الله تعاليٰ فرمايو: اذا ابتلیت عبدی بحبیبتیہ فصبر عوضہ منھماالجنة (فتح الباري بشرح البخاري: 10-12)
”يعني الله تعاليٰ فرمايو ته، جڏهن مان پنهنجي ڪنهن ٻانهي (بندي) کي، ٻن محبوب شين سان آزمائيندو آهيان ۽ هو ان تي صبر ڪندو آهي ته مان ان کي ان جي بدلي ۾ جنت ڏئي ڇڏيندو آهيان.“[19][20]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.