جھڏو (انگريزي: Jhuddo ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ميرپورخاص جو ھڪ شھر آھي جيڪو جھڏو تعلقي جو صدر مقام آهي. ھتي شھر لڳ جھڏو ريلوي اسٽيشن پڻ واقع آهي. ھن شھر جا مشھور محلا ماڊل ڪالوني، رياض آرائين ڪالوني، مير محلو شامل آهن. شھر روڊ رستي نئون ڪوٽ، ڊگھڙي، ٽنڊو جان محمد سان ڳنڍيل آهي. ھڪ ڪئنال ميرپورخاص کان جھڏو طرف وھي ٿو جنھن جي ھڪ ڪڙ تي روڊ ٺھيل آھي جنھن ذريعي ميرپورخاص سان ڳنڍيل آهي.

ترت ڄاڻ جھڏو Jhuddo, ملڪ ...
جھڏو
Jhuddo
شھر
Thumb
جھڏو  Jhuddo
جھڏو
Jhuddo
Thumb
جھڏو  Jhuddo
جھڏو
Jhuddo
جاگرافي بيهڪ: 24°58′00″N 69°18′00″E
ملڪ  Pakistan
صوبو سنڌ
ضلعو ميرپورخاص ضلعو
تعلقو جھڏو تعلقو
حڪومت
  قسم ٽائون ڪاميٽي
بند ڪريو

جهڏو سنڌ جي پراڻن شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. جهڏي شهر کان اندازاً 15 ميل ڏکڻ اوڀر طرف پراڻ درياهه جي ساڄي ڪپ تي جهڏي جو پراڻو ڦٽل شهر ميل کن ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي.

شهر اڏيندڙ

هن شهر جو اڏيندڙ مير غلام حسين ۽ سندس وڏا هئا، جيڪي خيرپور رياست کان لڏي هتي اچي آباد ٿيا هئا.

نالو

هن شهر تي جهڏي نالو پوڻ بابت مختلف روايتون ملن ٿيون:

  • هڪ روايت موجب ڀارت کان رڻ ڪڇ واري رستي پان جي پنن ۽ سوپارين سان ڀريل اٺن جو قافلو ان وقت جي سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ٺٽي ڏانهن وڃي رهيو هو. ان قافلي ۾ موجود هڪ درويش صفت شخص جو نالو جهڏو هو، جيڪو بيمار ٿي پيو ۽ هن هنڌ سندس انتقال ٿيو. ان ڪري شهر تي نالو جهڏو پيو. هن درويش جي نالي تي ’جهڏو مقام‘ به پراڻ جي ڪنڌيءَ تي موجود آهي.
  • ٻي روايت آهي تہ جهڏي ڀرسان پراڻ ندي وهندي هئي ۽ اتي پتڻ تي ٻيڙيون هلنديون هيون. پراڻ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌو نديءَ کي گهارن پوڻ سبب ٺهي هئي، جڏهن رڻ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا ٺڪر راجا سنڌ جي حڪمران سان ٺهي نه هليا ته ان وقت جي سنڌ جي حڪمران پراڻ کي موجوده جهڏي ويجهو هڪ وڏو بند ٻڌائي ڇڏيو ۽ اتي شهر ٻڌجي ويو.

برطانوي راڄ

انگريزن جي دؤر ۾ هن شهر گهڻي ترقي ڪئي. هتي سرڪاري آفيسون قائم ٿيون، گدام ٺهيا ۽ ريل هلائي وئي، گهڻا گدام ٺاهڻ ڪري شهر تي نالو ’جهڏو گدام‘ پئجي ويو. هتان گجرات، راجستان، مهاراشتر، اڙيسا، مڻيپور ۽ بهار تائين واپار ٿيندو هو. هتان کان اٺن جا قافلا رڻ ڪڇ، کوکراپار، ننگرپارڪر ۽ ڪڍڻ واري رستي سان ويندا هئا. جهڏي ۾ ٺهندڙ ڪاٺ جو سامان اُتي گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. هتان جي ڍاٽي ڪاريگرن جا ٺاهيل پاکڙا ۽ ٻيون شيون به پسند ڪيون وينديون هيون.

سياسي تحرڪ

برصغير جي آزاديءَ جي تحريڪ، توڙي هاري تحريڪ ۾، خاص ڪري مائي بختاور جي شهادت کان پوءِ، جهڏي جي عوام ڀرپور حصو ورتو هو ۽ برطانيا سرڪار کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، سائين جي. ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، نهچلداس وزيراڻي ۽ ٻين هتي وڏا جلسا ڪيا هئا.

شخصيتون

جهڏي جي مشهور اديبن ۽ شاعرن ۾ الهجڙيو شاد، ايوب کوسو ۽ نياز پتافي اچي وڃن ٿا. [1]

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.