جنيوا (انگريزي ٻولي: Geneva[1] فرانسيسي ٻولي: Genève، جرمن ٻولي: Genf، (اطالوي ٻولي: Ginevra) سويٽزرلينڊ جو (زيورخ زيورک کانپوءِ) آباديءَ جي لحاظ کان ٻيون سڀ کان وڏو شهر آهي. هي سويٽزرلينڊ جي فرانسيسي ڳالهائيندڙ علائقي روماندي جو سڀ کان گهڻي آباديءَ وارو شهر پڻ آهي. هي ان هنڌ واقع آهي جتان جنيوا ڍنڍ درياهہ رهون ۾ وهندي آهي. هي جنيوا ضلعو (Canton of Geneva) جو گاديءَ جو هنڌ آهي. سال 2007 مطابق شهري حدن اندر آبادي هِڪُ لَک 85 هزار 726 آهي. ڪيترن ئي عالمگير تنظيمن جا دفتر هن شهر ۾ هئڻ سبب جينيوا کي عالمي شهر عالمگير شهر مَڇِيو ويندو آهي. انهن دفترن (آفيسن) ۾ گڏيل قومن جي يورپي صدر دفتر پڻ شامل آهن.[2] سال 2006 ۾ ورتل هڪ جائزي مطابق جنيوا (زيورخ زيورک کانپوءِ) دنيا ۾ سڀَ کان سُٺي (اعليٰ) معيار زندگي رکڻ وارو شهر آهي.

ترت ڄاڻ جنيوا, پکيڙ ...
جنيوا
Thumb
جنيوا جا مختلف منظر، مٿي کاٻي پاسي کان: قصر قومون، وچ کاٻو: CERN تجربي گاهہ،
سڄي پاسي: Jet d'Eau، هيٺ: ڍنڍ ۽ شهر جو منظر
Thumb
مھر
پکيڙ
  ڪل 15.86 ڪ.م2 (6.12 ميل2)
بلندي 375 ميل (1,230 ft)
آبادي (2007ء)
  ڪل 185,726
بند ڪريو


تعليم

دنيا جي آڳاٽي يونيورسٽين منجهان هِڪ يونيورسٽي هتي موجود آهي جنهنکي جنيوا يونيورسٽي سڏيو ويندو آهي، هيءَ يونيورسٽي سال 1559 ۾ جون ڪيلون قائم ڪئي هئي.

عالمگير تنظيمن جا دفتر

هتي صيحت جو عالمي ادارو(WHO)، عالمي ادارو محنت (ILO)، گڏيل قومن جو مهاجرن لاءِ اعليٰ ڪمشنر (UNHCR)، گڏيل قومن جو انساني حقن لاءِ اعليٰ ڪمشنر (UNHCHR)، ورلڊ انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن (WIPO)، انٽرنيشنل ٽيليڪميونيڪيشن يونين (ITU)، ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائيزيشن (WMO)، عالمي تجارتي تنظيم (ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن (WTO)) ۽ بين الپارليماني اتحاد (IPU)، ائٽمي تحقيق لاءِ يورپي تنظيم (CERN)، ورلڊ اڪنامڪ فورم (WEF)، اسڪائوٽ تحريڪ جي عالمي تنظيم (WOSM)، ۽ عالمي ريڊڪراس ڪاميٽي (ICRC) جا دفتر هن شهر ۾ موجود آهن.

انهن عالمي تنظيمن کانسواءِ ڪيترا ئي گُهڻ قومي (ملٽي نيشنل) ادارن جا صدر دفتر پڻ هن سهر ۾ موجود آهن، جِن ۾ سيرونو، ايس ٽي مائيڪرو اليڪٽرانڪس، سوسائت جنرال، ميڊيرينين شپنگ ڪمپني ۽ سيٽا شامل آهن. انهن کانسواءِ پروڪٽر اينڊ گيمبل، ڊيوپونٽ، انوسٽا، هيولٽ-پيڪارڊ، جي ٽي انٽرنيشنل، اليڪٽرانڪ آرٽس ۽ سن مائيڪروسسٽمز جهڙيون مشهورو گهڻ قوميائي ڪارپوريشنون (ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز) يورپي صدر دفتر پڻ هتي ئي آهن.

گهڙيال ٺاهڻ جي آڳاٽي روايت سبب هي شهر سموري دنيا ۾ مشهور آهي ۽ روليڪس، ريمنڊ ويل، اوميگا، پيٽڪ فلپ ۽ فرينڪ ميولر جهڙيون معروف ڪمپينون گهڙي سازي (واچ ميڪنگ) سان لاڳاپيل آهن.

نوٽس ۽ حوالا

ببلوگرافي

ٻاهريان ڳنڍڻا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.