جمي ويلز
وڪيپيڊيا جو شريڪ-باني / From Wikipedia, the free encyclopedia
جمي ڊونل ويلز: جمي ويلز:Jimmy Wales:جمبو: 7 آگسٽ 1966 ۾ پيدا ٿيو. [2] آمريڪا سان تعلق رکندڙ ھي شخصيت انٽرنيٽ جو سرمائيدار آھي [3] ھي مفت انسائيڪلوپيڊيا وڪيپيڊيا جي بانين مان ھڪ آھي جيڪا ھن جي شھرت جو سبب آھي. ھي الاباما رياست جي شھر ھنٽسول (Huntsville) ۾ پيدا ٿيو ۽ ابتدائي تعليم اتان جي رينڊولف اسڪول مان حاصل ڪيائين [4] اسڪول کان پوءِ ھن ٻن يونيورسٽين مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرز ڪري پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ فنانس جي شعبي ۾ نوڪري حاصل ڪيائين. ھي شڪاگو جي ھڪ فرم ۾ ريسرچ ڊائريڪٽر پڻ رھيو. 1996 ۾ ھن ٻن ڀائيوارن سان گڏجي بالغن لاء ويب پورٽل بومس(Bomis) جو بنياد وڌو جنھن ۾ وندر ۽ اگھاڙا ڦوٽو ڏنل ھيا.2000 ۾ ان ڪمپني جي چندي سان ھڪ مفت انسائيڪلوپيڊيا شروع ڪئي جنھن جو نالو نيوپيڊيا ھيو جيڪا اڳتي ھلي 15 جنوري 2001 ۾ وڪيپيڊيا جي نالي سان مشھور ٿي. وڪيپيڊيا ھن جي ۽ لئري سئنگر ۽ ٻين جي ڪوششن سان جاري ٿي.
جمي ويلز Jimmy Wales | |||
---|---|---|---|
ويلز 2016 واري وڪيمينيا ڪانفرنس۾ | |||
پيدائش | جمي ڊونل ويلز آگسٽ 1966 (عمر 57 سال) ھنٽسول-الاباما، يو ايس اي . | ||
رھائش | لنڊن، انگلينڊ، برطانيا | ||
ٻيا نالا | جمبو (آن لائين مونيڪر) | ||
تعليم |
| ||
پيشو | انٽرنيٽ سرمائيدار اڳوڻو واپاري | ||
آمدني | ≈US$1 million | ||
لقب |
| ||
جانشين | فلورنس ڊيووئرڊ (وڪيپيڊيا فائونڊيشن جي چيئر جو) | ||
بورڊ ميمبر |
| ||
جيون ساٿي |
| ||
ٻار ٻچا | 3 ڌيئرون | ||
اعزاز | ھيٺين ويبسائٽ ڏسو | ||
ويب سائيٽ | |||
ذاتي ويبسائيٽ |