From Wikipedia, the free encyclopedia
جذبا(انگريزي: Emotions)
انگريزي رومانوي شاعرن وليم ورڊس ورٿ (1770-1850ع) ۽ ڪولرج (1772-1831ع)شاعريءَ ۾ رومانويت (Romanticism) جي حوالي سان جيڪي معيار مقرر ڪيا هئا، انهن ۾ جذبن جي اٿل کي وڏي اهميت ڏنائون، جنهن کانسواءِ شاعري ممڪن ئي ڪانهي. ورڊس ورٿ چيو هو: شاعري طاقتور جذبن مان نڪرندي آهي “Poetry is overflow of powerful feelings”- هونءَ به سموري شاعري جذبن جو اظهار هوندي آهي.[1] جذبن کي عربي۾ مشاعر سڏبو آهي ۽ پاڻ لفظ جذبو پڻ عربي ٻوليءَ مان ورتل آهي جنھن جي معنيَ ڪشش ۽ ڇڪ آهي.جڏھن ٻاھريان عمل انساني شعور کي پنھنجي اندر جذب ڪندا آهن تہ جذبا پيدا ٿيندا آهن. اھي ڪنھن بہ قائدي ۽ قانون جا پابند نہ ھوندا آھن ڇوتہ قائدن۽ قانون جو تعلق شعور سان ھوندو آھي ان جي ابتڙ جذبا ان وقت تائين ناپيد ھوندا آھن جيستائين شعور کي جذب نہ ٿا ڪن [2]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.