![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/1/15/Jeddah_Corniche_36.jpg/640px-Jeddah_Corniche_36.jpg&w=640&q=50)
جده
From Wikipedia, the free encyclopedia
جده (انگریزی: Jeddah، عربي: جِدَّة) سعودي عرب جي صوبي مڪي جو هڪ بندرگاهه شهر آهي، جيڪو حجاز جي علائقي ۾ ڳاڙهي سمنڊ جي ساحل تي واقع آهي. جده ملڪ جو تجارتي مرڪز آهي. اهو معلوم ناهي ته جده ڪڏهن ٺهرايو ويو، پر جده جي شهرت سال 647ع ۾ وڌي وئي جڏهن خليفي عثمان ان کي هڪ سفري مرڪز بنايو جيڪو مسلمان سياحن جي خدمت لاءِ مقدس شهر مڪي ڏانهن اسلامي زيارت لاءِ ويندا هئا. ان وقت کان وٺي، جده لکين حاجين لاءِ گيٽ وي جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو آهي جيڪا روايتي طور تي سمنڊ ذريعي ۽ تازو هوائي ذريعي کنگ عبدالعزیز انٹرنیشنل ایئرپورٹ، سعودي عرب پهتن تا.[3][4]
جدہ جِدَّة | ||
---|---|---|
شھر | ||
| ||
عرفيت: The Bride of the Red Sea | ||
نعرو: Jeddah Is Different | ||
Country | ![]() | |
Region | Mecca | |
Established | 6th century BC | |
حڪومت | ||
• Governorate Mayor | Saleh Al-Turki[1] | |
پکيڙ | ||
• شھر | 1,600 ڪ.م2 (600 ميل2) | |
• شھري | 1,793 ڪ.م2 (692 ميل2) | |
• ميٽرو | 2,485 ڪ.م2 (959 ميل2) | |
بلندي | 12 ميل (39 ft) | |
آبادي (2022)[2] | ||
• شھر | 3,751,722 | |
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو | ||
سرڪاري نالو | Historic Jeddah, the Gate to Makkah | |
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو | Cultural: ii, iv, vi | |
حوالو | 1361 | |
داخلا | 2014 (38th سيشن) | |
ايراضي | 17.92 ha | |
بفر زون | 113.58 ha |
سال 2022ع جي اندازی مطابق 37,51,722 ماڻهن جي آبادي سان، جده صوبي مڪي جو سڀ کان وڏو شهر آهي،[5] حجاز جو سڀ کان وڏو شهر، سعودي عرب جو ٻيو نمبر وڏو شهر (راڄڌاني رياض کان پوءِ)، ۽ وچ اوڀر م نائين نمبر وڏو شهر آهي. اهو پڻ اسلامي سھڪار تنظيم جي انتظامي مرڪز طور ڪم ڪري ٿو. جده اسلامي بندرگاهه، ڳاڙهي سمنڊ تي، دنيا جي ڇهين نمبر وڏي بندرگاهه آهي،[6] ۽ وچ اوڀر ۾ (دبئي جي جبل علي جي بندرگاهه کان پوءِ) ٻيو نمبر وڏو ۽ مصروف ترين بندرگاهه آهي.
جده مڪي شريف جو پرنسپل گيٽ وي آهي، اسلام جو مقدس ترين شهر، 65 ڪلوميٽر (40 میل) اوڀر طرف، جڏهن ته مديني، ٻيو مقدس شهر، 360 ڪلوميٽر (220 میل) اتر ڏانهن آهي. اقتصادي طور تي، جده سعودي عرب ۽ وچ اوڀر جي اندر سائنسي ۽ انجنيئرنگ قيادت ۾ سرمائيداري سيڙپڪاري کي وڌيڪ ترقي ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.[7] جده سال 2009ع ۾ انوويشن سٽيز انڊيڪس ۾ آفريڪا، مڊل ايسٽ ۽ "استان" ملڪن جي علائقي ۾ چوٿين نمبر تي هئو.[8]
جده سعودي عرب جي بنيادي تفريحي شهرن مان هڪ آهي ۽ گلوبلائيزيشن ۽ ورلڊ سٽيز اسٽڊي گروپ ۽ نيٽورڪ (GaWC) پاران بيٽا ورلڊ شهر جو درجو دنو ويو آهي. ڳاڙهي سمنڊ جي ويجهو شهر، مڇي مارڻ ۽ سامونڊي کاڌا ملڪ جي ٻين حصن جي برعڪس کاڌي جي ثقافت تي غالب آهن. عربي ۾، شهر جو نعرو "جده غيير" آهي، جنهن جو ترجمو "جده مختلف آهي".