تورو دت
هندستاني ليکڪا / From Wikipedia, the free encyclopedia
تورو دت (انگريزي: Toru Dutt، بنگالي=তরু দত্ত)، (پيدائش: 4 مارچ، 1856ع - وفات: 30 آگسٽ، 1877ع) برطانوي راڄ ۾ انگريزي ۽ فرانسيسي ٻولي جي هندوستاني شاعرا، ناول نگار ۽ مترجم هئي.ھن ھندوستاني ادب کي انگريزي ٻولي سان واقف ڪرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سندس تعلق بنگال سان ھو. هن ھندو گھراني ۾ پيدا ٿيڻ بعد خاندان سميت عيسائي مذھب قبول ڪيو ھو. فرانس ۽ انگلستان ڏانهن سفر ڪيائين. جتي ان تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ پنھنجي رچنائن (تخليق) کي انگريزي ادب تي گهاٽا نقش ڇڏيا. هيءَ ھندستان جي پهرئين ناول نگار آھي. جنھن فرانسيسي ٻولي ۾ ناول لکيو آهي.
ترت ڄاڻ تورو دت Toru Dutt, پيدائش ...
تورو دت Toru Dutt | |
---|---|
پيدائش | 4 مارچ 1856(1856-03-04) 12 ماڻڪتولا اسٽريٽ, رمباگن, ڪولڪتا, بينگال, برطانوي هندستان |
وفات | 30 آگسٽ 1877 (عمر 21 سال) ڪلڪتو, بينگال, برطانوي هندستان |
مدفن | مانڪتلہ عيسائي قبرستان, ڪلڪتو |
قوميت | برطانوي هندستان جا پرڳڻا |
پيشو | ڪوي ( شعر ٺاهيندڙ) |
بند ڪريو