تربت

From Wikipedia, the free encyclopedia

تربتmap

تربت (Turbat) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڏکڻ ۾ ڪيچ ندي جي ڪناري تي واقع ڪيچ ضلعي جو شھر ۽ ضلعي صدر مقام جيڪو ماضيءَ ۾ مڪران جي پرنسلي اسٽيٽ جو گاديءَ جو هنڌ پڻ رھيو. ھي شھر ڏکڻ بلوچستان جو وڏي ۾ وڏو شھر سمجھيو ويندو آھي ۽ گوادر پورٽ کان 120 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ھي شھر کجور جي مارڪيٽ آھي. ذڪري فرقي وارن جو مقدس مقام ڪوھ مراد ھن شھر جي ويجھو واقع آهي. ھن شھر کي سسئي۽ پنھون جي قصي جي ڪري ادب ۾ ھڪ مقام حاصل آهي ڇوته پنھون جو تعلق ھن علائقي سان ھيو. پنھون جي قلعي جي آثارن جي ھن شھر ڀرسان موجودگيءَ جو پڻ ذڪر ٿيندو آهي. بلوچي ادب جي ھڪ وڏي شاعر عطا شاد جو تعلق پڻ ھن شھر سان آھي جيڪو نہ رڳو بلوچي ٻولي پر اردو جو به شاعر ھيو.

ترت ڄاڻ تربت Turbat, ملڪ ...
تربت
Turbat
ضلعي صدر مقام
Thumb
Thumb
تربت
تربت
Thumb
تربت
تربت
جاگرافي بيهڪ: 26°0′15″N 63°3′38″E
ملڪ پاڪستان
صوبو بلوچستان
ضلعو ڪيچ ضلعو
تعلقو تربت تحصيل
بلندي 129 ميل (423 ft)
آبادي (2017)[1]
  ڪل 79,200
بند ڪريو

تعليم

ھن شھر جي وڏن تعليمي ادارن ۾ مڪران ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽي آف تربت واقع آھن.

موسم

ھي شھر ڏکڻ ايشيا جي گرم ترين شھرن ۾ ٿئي ٿو 2012 ۾ اتي 53.5 ڊگري سيلسيس گرمي درج ڪئي وئي.[2]

آمدورفت

ھي شھر روڊ رسٽي ڪوئيٽا، قلات، گوادر، پسني، ڪراچي ۽ ايران جي شھر چابھار ۽ ايرانشھر سان ڳنڍيل آهي. ھن شھر ۾ بين الاقوامي ھوائي اڏو پڻ آهي جتان اڪثر اڏامون ڪراچي، گوادر ۽ شارجہ ڏانهن روانيون ٿينديون آهن.

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.