![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/6/6c/Microscopy_lab.jpg/640px-Microscopy_lab.jpg&w=640&q=50)
تحقيق
فن ۽ڪافي جي ڊڪشنري / From Wikipedia, the free encyclopedia
تحقيق __(Research)
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/7/7b/Research-Warner-Highsmith.jpeg/640px-Research-Warner-Highsmith.jpeg)
تحقيق روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ جو علم آهي. ڪنهن مسئلي جي ڀروسي جوڳي حل ۽ صحيح نتيجن تائين پهچڻ لاءِ تحقيق اهو منظم عمل آهي، جنهن ۾ حقيقتن جي ڳولا ۽ انهن جي ڇنڊ ڇاڻ جو تفصيل وار بيان لڪل هجي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته تحقيق جو تعلق ڪنهن مسئلي ۽ ان جي ڀروسي جوڳي حل جي ڳولا سان وابسته آهي. اهو حل يا نتيجو ڀروسي جوڳو هئڻ لاءِ هڪ خاص انداز ۾ اڀياس لازمي آهي. ڪنهن مسئلي جو حل ۽ ملندڙ نتيجا، ڪنهن به قسم جي شڪ شبهي ۽ ان جي امڪاني حد تائين رد نه ڪري سگهڻ سان ئي تحقيق جي عمل جي ڪاميابيءَ جو دارومدار رهي ٿو. سنڌي لغت موجب تحقيق جو مطلب: ”پڪ ڪرڻ، خاطري ڪرڻ ڪنهن ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ آهي. ساڳي ريت انگريزي ڊڪشنرين ۾ “Research” جي معنيٰ ”ڳولڻ“ (ٻيهر ڳولڻ) ۽ اصطلاحي معنيٰ ” ڪا به حقيقت ڳولي پڌري ڪرڻ“ آهي، جنهن جو مقصد ته ڪنهن به موضوع تي گهري نظر وجهي، ان جي هر پاسي کان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ته ان موضوع تي وڌيڪ ڄاڻ ملي سگهي. تحقيق جو مقصد آهي فطرت يا انساني زندگيءَ جي الڳ الڳ مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ. تحقيق انساني علم ۽ ڄاڻ کي وڌائي ٿي. حقيقت ۾ انساني تهذيب، تمدن ۽ سڀيتا جي ارتقا تحقيق جي عمل سان ٿي. ڪنهن به علمي شاخ تي تحقيق ڪندڙ کي ’محقق‘ چئبو آهي. ان جا به معيار مقرر ڪيل آهن.(1) دليل بازيءَ جي قوت رکندڙ هجي. (2) حافظي جي قوت رکندو هجي، (3) ذهني سچائي رکندڙ هجي، (4) موضوع ۾ دلچسپي ۽ ان کي نڀائڻ جو حوصلو رکندو هجي، (5) مسئلي جي حل لاءِ وٽس جستجو وارو جذبو هجي. .[1]
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/6/6c/Microscopy_lab.jpg/640px-Microscopy_lab.jpg)
انگريزي ۾ Search لفظ جي لفظي معنيٰ ڳولا ڪرڻ ۽ Research معنيٰ واري ڳولا ڪرڻ يا خبرداري سان ڳولا ڪرڻ آهي. اصطلاحي لحاظ کان معنيٰ اٿس نئين معلومات بابت ڳولا ڪرڻ يا ائين چئجي ته ٿيل ڳالهه جي تصديق ڪرڻ. تحقيق ۾ هر بيان، ڪنهن نه ڪنهن شهادت يا شهادتن تي مدار رکندو آهي، يعني هر اظهار کي ٻين جي شهادتن جي مدد سان قابل فهم بنايو وڃي ٿو. تحقيق ۾ هر بيان جي تصديق به ٻين جي شهادتن جي مدد سان ڪئي وڃي ٿي؛ ته جيئن ان کي تحقيق جوڳو بنائي سگهجي يا ائين چئجي ته اها باترتيب ڪنهن ڳالهه جي ڳولا، جنهن ۾ معلومات جي واڌاري جو پڪو ارادو هجي ۽ جيڪا قابل اظهار ۽ تصديق جوڳي هجي يعني تحقيق ٿيل مواد جو نتيجو اهڙي انداز سان ڪڍجي جو ٻين لاءِ قابل فهم هئڻ گهرجي.[2] J.F. Rummel تحقيق جي وصف بيان ڪندي چوي ٿو ته ”تحقيق ڪنهن ڳالهه جي ڳجهن رازن کي ڳولڻ، ڪنهن ڳالهه جي ترقي ۽ علم کي وڌيڪ پروڙڻ کي چيو وڃي ٿو. اهو هڪ ذهني ڪوشش جو سلسلو آهي جيڪو سون سالن کان هلندو اچي ٿو ۽ سچ يا حقيقت جي ڳولا ۾ مقصد ۽ هئيت کي تبديل ڪندو رهي ٿو.“ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”تحقيق نون طريقن سان نئين معلومات حاصل ڪرڻ کي چيو وڃي ٿو“[3]جيئن J.F. Rummle لکي ٿو ته ”تحقيق هڪ قسم جي معلومات واسطي تلاش آهي، جيڪا ڪن منطقي اصولن تي يا سائنسي جديد طريقن تي ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو ڪو خاص مقصد هوندو آهي.“ [4]”اها نئين معلومات جيڪا موجود معلومات ۾ واڌارو آڻي.“[5]تحقيق جو مقصد ٿيو ماضي جي ڪيل تحقيقن جي غلطين کي رد ڪرڻ، نوان اصول، نيون ڳالهيون، نوان خيال، نئوان گمان معلوم ڪرڻ ته جيئن پراڻين تحقيقتن کي مائيدار يا وسيع بنائي ڪنهن نئين تعلق ۽ نئين ترتيب سان پيش ڪيو وڃي، جنهن ۾ نيون شهادتون ڏنيون وڃن.پر عام طور تي تحقيق جو مقصد انسان ذات جي ذهني، جسماني ۽ روحاني اصلاح هئڻ گهرجي، پوءِ چاهي اها ڪهڙي قسم جي هجي ۽ ڪهڙن اصولن تي ڪئي وڃي.[6]”تحقيق معنيٰ قديم ۽ ذخيم لکييت کي نئين انداز سان پيش ڪرڻ يا ائين چيو وڃي ٿو ته خاص اهميت واري تحقيق جيڪا عالم ڪن ٿا.“[7]”سچ لاءِ سچ جي کوجنا ڪئي وڃي (To discover truth for truth) ۽ انهي سچ جي ڳولا لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار وڃي تنهن بابت هي راءِ ڏني وڃي ٿي ته ”ٺوس ۽ غير جانبدارنه حقيقت جو تجزيو ڪيو وڃي“ [8]انهي لحاظ کان آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري (1933) ۾ ڏنل تحقيق معنيٰ معلومات (Knowledge) جيڪا ڪنهن سچ، حقيقت ۽ اصول کي ثابت ڪرڻ لاءِ حاصل ڪئي وڃي“.[9]”تحقيق جو قسم يا اصول ڪهڙو به هجي، پر انهي جي تجزئي جو قدر ڪرڻ، انهي جي دائري جي وسعت تي مدار رکندو آهي“[5]