From Wikipedia, the free encyclopedia
تاتارستان (تاتاری:Татарстан؛ روسی:Татарстан)، سرڪاري طور تي جمهوريا تاتارستان (تاتاری:Татарстан Республикасы؛ روسی:Республика Татарстан) ڪڏهن ڪڏهن تاتاریا (Tataria؛ تاتاری، روسی:Татария) به سڏيو ويندو آهي،[9][10][11] روس جي هڪ جمهوریا آهي جيڪو اوڀر يورپ ۾ واقع آهي. اهو وولگا وفاقي ضلعي جو هڪ حصو آهي؛ ۽ ان جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر قازان آهي، جيڪو روس جو هڪ اهم ثقافتي مرڪز آهي. علائقي جي دولت جو مکيه ذريعو، هڪ مضبوط پيٽروڪيميڪل صنعت سان تيل/پیترول آهي. جمھوریا جون سرحدون ڪیروف، الیانووسڪ، سمارا ۽ اورنبرگ جي اوبلاستن سان گڏوگڏ ماري ايل، ادرموتیا، چوواشیا ۽ باشڪورتوستان جي جمهوريه سان لڳن ٿيون.
تاتارستان جي جمھوریا Republic of Tatarstan Татарстан Республикасы (تاتاري) Республика Татарстан (روسي) | |||
---|---|---|---|
جمھوریا | |||
| |||
ترانو: Государственный гимн Республики Татарстан (Russian) Татарстан Җөмһүрияте Дәүләт гимны (Tatar) "State Anthem of the Republic of Tatarstan"[1] | |||
ملڪ | رشین فیڈریشن | ||
روس جو وفاقي ضلعو[2] | وولگا | ||
معاشي علایقو[3] | وولگا | ||
گاديء جو ھنڌ | قازان[4] | ||
حڪومت | |||
• قسم | ریاستي ڪائونسل[5] | ||
• چئیرمین | رستم منیخانوف[6] | ||
پکيڙ[7] | |||
• ڪل | 67,847 ڪ.م2 (26,196 ميل2) | ||
آبادي (2021 Census)[8] | |||
• ڪل | 4,004,809
|
جمهوريه جي ايراضي 68,000 چورس ڪلوميٽر 68٬000 ڪلوميٽرزچورس (26٬000 sq mi) آهي؛ ملڪ جي ڪل مٿاڇري جو %0.4 تي قبضو ڪري ٿو.[12] سال 2021ع جي مردم شماري جي مطابق، تاتارستان جي آبادي 40,04,809 هئي. تاتارستان جا مضبوط ثقافتي، لساني ۽ نسلي لاڳاپا ان جي اڀرندي پاڙيسري باشڪورتستان سان آهن.[13] [14] جمهوريه جي سرڪاري ٻوليون تاتار ۽ روسي آهن.[15]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.