From Wikipedia, the free encyclopedia
گردو يا بڪي (kidney) نيڪال جي سرشتي جو اھم عضوو آهي. ھنن ۾ رت جي صفائي جو عمل ٿيندو آهي.[1] انساني جسم ۾ ٻہ بڪيون ٿين ٿيون، جيڪي جسم جي پُٺ جي اندرئين پاسي واري ڀت سان منسلڪ آهن. هر هڪ بڪي رانھين (Bean) وانگر ٿئي ٿي. اِن جو ٻاهريون ڏيک اڀريل گولائي وارو (Convex) ٻاهر طرف ۽ اندريون دٻيل گولائي وارو (Concave) پاسو ڪرنگهي جي طرف ٿئي ٿو.
بڪي تقريباً ساڍا چار انچ ڊگهي ۽ ٻہ انچ ويڪري هوندي آهي. ساڄي پاسي واري بڪي، کاٻي پاسي واريءَ بڪيءَ کان ٿوري مٿي هوندي آهي. هر هڪ بڪيءَ جي دٻيل (Concave) پاسي مان هڪ نالي نڪري ٿي، جنھن کي "يوريٽر" (Ureter) چئبو آهي. يوريٽرِ هيٺ وڃي مثاني ۾ کلندو آهي. بڪين مان پيشاب يوريٽر وسيلي مثاني ۾ ايندو آهي ۽ جڏهن مثانو پيشاب سان لڳ ڀڳ ڀرجي ويندو آهي تہ پيشاب لڳندو آهي.[2]
بڪيون انسان جي جسم ۾ پيٽ ۾ پوئين پاسي ڀوري ناسي رنگ جون راهين جي ٻج جي شڪل جھڙيون پٺيءَ جي ڪنڊي جي ٻنھي پاسي ٿين ٿيون. ساڄي بڪي کاٻي بڪيءَ جي ڀيٽ ۾ ٿورڙو هيٺ هوندي آهي، بڪيون اسان جي جسم مان غير ضروري ۽ بيڪار مادن کي ٻاهر خارج ڪن ٿيون، بيڪار مادن جي نيڪال ۾ انھن جي تمام وڏي اهميت آهي، اصل ۾ جسم مان بيڪار ۽ غير ضروري شين جو نيڪال ايترو ئي اهم آهي، جيترو جسم لاءِ ضروري شين جو پھچڻ. بڪيون اهو ڪم نهايت سھڻي طريقي سان سرانجام ڏين ٿيون. اهي غير ضرروري ۽ بيڪار شين کي پيشاب جي شڪل ۾ ٻاهر ڪڍنديون رهن ٿيون.
بڪين جي چوڌاري هڪ غلاف نموني ڪيپسول هوندو آهي، جيڪو آسانيءَ سان لهي سگهندو آهي. هن غلاف ۾ هلڪي سليٽي رنگ جي بڪي ويڙهيل ٿيندي آهي. هر هڪ بڪيءَ جي ٻاهرين حصي ۾ رت جون وار نليون ننڍڙا ڇڳا ٺاهين ٿيون، جيڪي هڪ نازڪ جهلي ۾ ويڙهيل بال جهڙي شڪل اختيار ڪنديون آهن، جن کي گلو ميرولائي چئبو آهي.
جسم جي ٻين سڀني عضون جي مقابلي ۾ بڪين جي هر گهڙيءَ مان سڀ کان وڌيڪ رت گذرندو آهي، انھن گلو ميرولائي ۾ رت جو داٻ وڌيڪ هئڻ ڪري رت مان پاڻي ڇاڻڻ وسيلي بومين ڪيپسول ۾ داخل ٿي مڙيل ٽيوبن ۾ هلڻ لڳندو آهي، ٽيوبن جي پاسي واريون وار نليون ان مان ضروري لوڻ ۽ فالتو پاڻي واپس رت ۾ ڇڪي وٺنديون آهن ۽ باقي پيشاب رهجي ويندو آهي، جيڪو گهاٽو ٿي مثاني ڏانھن اچي ٿو. سنهڙين نلڙين ۾ موجود پاڻي واپس رت ۾ موڪلي بڪيون جسم کي مناسب گهميل رکڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پگهر اچي ٿو پر اهو وڌيڪ پاڻي نہ پيئندو هجي تہ بڪيون پاڻ مرادو وڌيڪ پاڻي رت ۾ موٽائينديون آهن، بڪين جون اهي نالڙيون رت ۾ تيزاب جي مقدار کي بہ ڪنٽرول ڪن ٿيون، جيئن تہ رت کاري (پي ايڇ = 704) هوندي آهي ۽ خراب مادا وڌيڪ تيزابيت پيدا ڪندا آهن، جنھن ڪري بڪيون انھن کي جلدي خارج ڪنديون آهن ۽ انھيءَ طريقي سان رت جو کاراڻپڻو قائم رهي ٿو.
بڪين جون وار نلڙيون جسم ۽ رت ۾ زهريلي دوائن، فالتو لوڻن ۽ جراثيمن جي زهر ۽ باقي مادن وغيره کي بہ خارج ڪنديون رهن ٿيون، اهي تمام ننڍڙيون وار نلڙيون هر بڪيءَ جي اندروني حصي ۾ گڏجي وينديون آهن، پيشاب اتان هيٺ ٻن نالين ۾ وڃي ٿو. انھن کي يوريٽر يعني پيشاب ناليون چئبو آهي. اهي ٻنھي پاسي بڪين مان پيشاب کي مثاني تائين پھچائين ٿيون، اهي ناليون پيٽ جي پوئين ڀت سان گڏوگڏ مثاني جي پوئين پاسي وڃي کلن ٿيون، مثاني جو ڪم پيشاب گڏ ڪرڻ آهي، جتان خواهش مطابق ٻاهر خارج ڪيو وڃي ٿو.[3][4]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.