From Wikipedia, the free encyclopedia
بڙ(انگريزي: Banyan tree) ھڪ وڻ آھي جنھن جو نباتاتي نالو فڪوس رليجيوسا (انگريزي: Ficus religiosa )آھي. ھي وڻ ايشيا ۽ خاص طور تي ڏکڻ ايشيا ۾ ڪثرت سان ٿئي ٿو. انجير جي خاندان جي ھي وڻ جا پن دل جي شڪل جھڙا ھوندا آھن. ٻڌ مذهب ۾ ھي وڻ مقدس آھي ڇوتہ گوتم ٻڌ ھن وڻ جي ھيٺان نرواڻ ڪيو ھو
بڙ Banyan | |
---|---|
بڙ جو وڻ پاڙن سان | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | فڪوس |
جنسون | |
Species include:
|
هي وڻ عام مشهور آهي. اُن جو ٿُڙ تمام ٿُلهو ٿيندو آهي. اُن جي ٽارين ۾ هيٺئين پاسي تندون نڪرنديون آهن جي وڌي وڃي زمين ۾ کُپنديون آهن ۽ اتي پاڙون کوڙي لڳي پونديون آهن. اُن جا پَن اڪ جي پنن وانگر، پر ڪجهه ننڍا ۽ ٿُلهيرا ٿيندا آهن. ڇوڏي جو رنگ اڇيرو ٿيندو آهي. هن جي ٽارين ۾ کير ٿيندو آهي جو ڪيترين دوائن ۾ ڪم ايندو آهي. اُن ۾ گول ننڍو ڦل ٿيندو آهي جو ڪنهن به ڪم ڪونه اچي. هي وڻ گهاٽو هوندو آهي، جنهنڪري ماڻهو ۽ جانور اُن جي ڇانوَ هيٺ آسائش وٺندا آهن[1].
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.