بپاشا باسو
From Wikipedia, the free encyclopedia
بپاشا باسو سنگھ گروور (انگريزي: Bipasha Basu Singh Grover)، پيدائش 07 جنوري 1979ع[1]، ھندوستاني اداڪارا ۽ ماڊل آھي، جيڪا بُنيادي طور تي ھندي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان سُڃاتي ويندي آھي. ھن تامل، تيلگو، بنگالي ۽ انگريزي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو آھي. کيس ھڪ فلم فيئر ايوارڊ سميت ڪيترائي اعزاز حاصل ٿيا آھن. ھن خاص ڪري سنسني خيز ۽ خوفناڪ فلمن ۾ گھڻو ڪم ڪيو آھي. ميڊيا ۾ سندس حوالو "جنسي اُھڃاڻ" (انگريزي: Sex Symbol) طور گھڻائيءَ سان ڏنو ويندو آھي.
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/3/37/Bipasha_Basu_Grover.jpg/220px-Bipasha_Basu_Grover.jpg)